دائودپوٽو ولي

دائودپوٽـو، ولي: نـامـور شـاعـر ولي محمد ولد واحد بخش دائودپوٽو، 7 اپريل 1924ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان سکر مان پاس ڪيو. هن جو غريب گهراڻي سان تعلق هو. پهرين هن بُوٽن جي دڪان تي ڪم ڪيو. پوءِ سکر ۾ سونارڪو ڌنڌو اختيار ڪيائين. پاڻ سُٺو سونارو هو. هن جو شاعريءَ طرف ننڍپڻ کان ئي لاڙو هو. شروع ۾ ڪجهہ طنزيہ شاعري بہ ڪيائين. بعد ۾ علم عروض ۽ ڇند وديا جي قاعدي موجب شاعري ڪيائين.
ولي دائودپوٽو جديد شاعرن جي صف ۾ شامل ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ اسلوب سلوڻو ۽ سادو آهي. ولي دائود پوٽو مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو. ولي دائود پوٽي جو ڪلام قلمي صورت ۾ شفيق پيرزادي وٽ موجود آهي. هن جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، هري دلگير ۽ تنوير عباسيءَ کان پوءِ ’هائيڪو‘ لکيا. سندس ڪيتري شاعري ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهي. ضرورت آهي تہ هن بھترين شاعر جو شعري مجموعو جلد ڇپجڻ گهرجي.
ولي محمد دائودپوٽي 20 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.07  عيسوي

نـامـور شـاعـر ولي محمد ولد واحد بخش دائودپوٽو، 7 اپريل 1924ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1979.07.20  عيسوي

ولي محمد دائودپوٽي 20 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيام ساڌورام آهوجا
شير خواجہ
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
سيد محمد عالم شاھہ عالم
جهامون ڀيو
چانگ ساجن
انور ڪليم
پونٽنگ رڪي ٿامس
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاھہ سان جنگ
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون