دائري واري درسگاھہ

دائري واري درسگاھہ: يارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري ڳوٺ صدر جهيجي (لڳ اُڏيري لال) ۾ قرآن شريف جي حفظ ۽ قراءت جي تعليم لاءِ هڪ مڪتب جو بنياد پيو، جيڪو پوءِ وڌي هڪ عاليشان درسگاھہ بنجي ويو، جنهن جي مشھور علمي حلقي/ دائري سببان هي ڳوٺ پوءِ ’دائرو شريف‘ سڏبو ويو. وڏا قابل قاري ۽ حافظ هن درسگاھہ جا اوائلي اُستاد هئا. هنن عالمن جي علمي ڪارنامن جا تفصيل تاريخ ۾ محفوظ نہ رهيا آهن، البت درسگاھہ جي مسجد ڀرسان انهن حافظن جون قبرون موجود آهن، جيڪي غالباً هن درسگاھہ جا اوائلي اُستاد هئا. اُن جي هڪ صُفي اندر وچئين دور (1255- 1108ھہ) جي 11 اُستادن جون مزارون آهن. ان اندر الهندي کان اڀرندي ستن عالمن جي قبرن تي سندن نالا ۽ وفات جا سال ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل آهن. انهن جا نالا: (1) عمده الحفاظ قاري القرآن فاضل حافظ ميان محمد دوس ٿيٻو ’نوري‘، (2) عمدة الحفاظ حـافظ ابراهـيـم، (3) سيد ابـو المعـالـي، (4) سيد شاھہ محمد ’صاحب دائره‘، (5) سيد محمد معصوم ’صاحبِ دائره‘ (اصل نالو سيد مسعود)، (6) سيد يار محمد ’صاحب دائره‘ ۽ (7) سيد معصوم شاھہ آهن. ان کان سواءِ ساڳئي صفي ۾ چار ٻيون مزارون آهن، پر انهن تي ڪتبا لکيل نہ آهن.
هن درسگاھہ جو بنياد غالباً محمد هاشم شاھہ بن عيسيٰ شاھہ ڪلان جي اولاد مان، سيد مسعود (ثاني) بن سيد محمد (ثاني) وڌو. ان جو بنياد يارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري وڌو ويو.
هن درسگاھہ جو بنياد، هڪ مڪتب يعني ابتدائي تعليمي اداري جي صورت ۾ پيو ۽ قرآن شريف جو درس، حفظ ۽ قراءت ان جي نصاب جا مرڪزي پهلو رهيا. يارهين صديءَ جي آخر تائين درسگاھہ جي مرڪزي حيثيت ’مڪتب‘ واري رهي، پر انهن 100 سالن ۾ هن مڪتب، ابتدائي تعليم جي مٿي ڄاڻايل مکيہ مقصدن کي اعليٰ معيار تي پهچايو، ان حد تائين جو روايت آهي تہ حجاز ۽ عراق جي ڪن قارين پڻ تبرڪ طور هتان جي قاري حافظن کان اچي درس ورتو.
اٽڪل 100 سالن جي ڪامياب تعليمي ڪشالي کان پوءِ هن درسگاھہ ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو دور شروع ٿيو. ’حلقي‘ يا ’دائري‘ جي نظام جو واسطو ’ثانوي ۽ اعليٰ تعليم‘ سان آهي ۽ سيد محمد مسعود عرف سيد محمد معصوم، پهريون عالم ۽ استاد هو، جنهن کي ’صاحب دائره‘ (’حلقي‘ يا ’دائري‘ جو سرواڻ) سڏيو ويو. هن 1182ھہ/ 1768ع ۾ وفات ڪئي.
هن درسگاھہ ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جي معيار کي بہ اوج تي پھچايو ويو. ان جي ثانوي درس جو حلقو يا ’دائرو‘ بہ ايترو تہ مشھور ٿي ويو، جو عرف عام ۾ هيءَ درسگاھہ ’دائري واري درسگاھہ‘ ۽ هتي جا استاد ’دائري وارا اُستاد‘ سڏجڻ لڳا. سيد محمد مسعود عرف معصوم کان پوءِ سيد شاھہ محمد (وفات 1204ھہ/1789ع)، سيد يار محمد (وفات 1220ھہ/1805ع) ۽ سيد علي محمد شاھہ ’مصلح المفتاح‘ (دائري وارن جي سنڌي) ڪتاب جو مصنف هن ’درسگاھہ دائري‘ جا اُستاد رهيا.
جيتوڻيڪ ’درسگاھہ دائره‘ جي تعليم ۽ تدريس جو سلسلو پنجاھہ پنجونجاھہ سال اڳ ختم ٿي چڪو آهي، مگر هن تاريخي درسگاھہ جا آثار اڃا تائين سلامت آهن. اصل مڪتب جي شروعات غالباً مسجد ۾ ٿي، جنهن کي خدمت آهر وڌايو ويو، پر جڏهن هن درسگاھہ ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو اضافو ڪيو ويو تہ ٻاهران آيل شاگردن جي قيام لاءِ مسجد کان ٻاهر ڏکڻ طرف نئين حاطي ۽ عمارتن جو انتظام ڪيو ويو.
(حوالو: ’مصلح المفتاح‘، ’سيد دائري وارن جي سنڌي‘: تصنيف سيد حاجي علي محمد شاھہ دائري وارو، مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو