خٽڪ، اجمل

خٽڪ، اجمل

خٽڪ اجمل

خٽڪ، اجمل: پشتو ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ سياستدان اجمل خٽڪ ولد حڪمت خان خٽڪ جو جنم 1924ع ڌاري ڳوٺ اڪوڙا خٽڪ، ضلعي پشاور ۾ ٿيو. ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. ان دوران سندس ادب سان بہ واسطو رهيو. منشي فاضل، ايف. اي ۽ بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. ريڊيو پاڪستان پشاور ۾ اسڪرپٽ رائيٽر ۽ روزاني ’انجام‘ پشاور جو ايڊيٽر ٿي رهيو. اجمل خٽڪ ون يونٽ جو سخت مخالف هو. عوامي نيشنل پارٽيءَ جو مرڪزي اڳواڻ رهيو. ڪجهہ عرصي تائين افغانستان ۾ جلاوطن بہ رهيو. بينظير ڀُٽو جي حڪومت ۾ 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. مارچ 1994ع ۾ ڇھن سالن لاءِ خيبر پختونخوا صوبي جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هن اردو ۽ پشتو ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’جلاوطن ڪي شاعري‘ مشھور آهي. 1960ع واري ڏهاڪي جڏهن شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي ۽ پاڪستان جي ٻين ترقي پسند اديبن ’عوامي ادبي انجمن‘ قائم ڪئي تہ ان ۾ اجمل خٽڪ بہ شامل رهيو ۽ هن تنظيم جي اوائلي پڌرنامي تي فيض احمد فيض، جوش مليح آبادي ۽ اجمل خٽڪ جا دستخط آهن. اجمل خٽڪ، 7 فيبروري 2010ع تي پشاور ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو