خير محمد ڏاهري

خير محمد ڏاهري: اداڪار خير محمد ولد الھورايو ڏاهري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس شاگرديءَ واري دور کان اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو. اسڪول جي پروگرامن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڳتي هلي ٽي. وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اداڪاريءَ جي سکيا استاد محمد صديق پرهياڙ ۽ فقير محمد عالماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. سندس ڊراما سنڌي چئنلن: ڪي. ٽي. اين، مهراڻ، ڌرتي ۽ سنڌ ٽي. وي تي نشر ٿيا آهن. هن بھترين ڪردار نگاريءَ سبب پنھنجي فن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. هن وقت پرائيويٽ ٽي. وي چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.02.01  عيسوي

اداڪار خير محمد ولد الهورايو ڏاهري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد يوسف کتري
عبدالخالق راز سومرو ڊاڪٽر
واحد بخش شيخ
شالمين شيدي
چاڳلي (مائي چاڳلي)
شير محمد مري
جھان بانو
ڊي پي شرما
آفتاب سومرو
سهراب مگسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون