خير محمد سوز ٻُرڙو

خير محمد سوز ٻُرڙو

خير محمد سوز ٻُرڙو

خير محمد ’سوز‘ ٻُرڙو: شاعر خير محمد سوز، شھر قمبر علي خان (موجودہ ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ) کان ٻن ميلن جي پنڌ تي ڇڄڙا ڳوٺ ۾، خدابخش ٻُرڙي جي گهر ۾، فبروري 1931ع ۾ پيدا ٿيو. هو پيشي جي لحاظ کان استاد هو، ڪجهہ وقت تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر ٿي رهيو. ان کانپوءِ هاءِ اسڪول قمبر ۾ سينيئر استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. پينشن جي آخري ڏينهن ۾ ڳوٺ رئيس ڀنڀي خان چانڊيي جي هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستر ٿي رهيو. فبروري 1991ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. خير محمد سوز جو شاعريءَ ۾ استاد، مشھور شاعر محمد علي ’جوهر‘ لاڙڪاڻي وارو هو. خير محمد سوز جي شاعري ڪيترن رسالن ۾ ڇپجندي رهي. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’عشق جي دنيا‘، (2) ’انجامِ عشق‘. خير محمد سوز، 11 جولاءِ 2008ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو