
خير محمد سوز
خير محمد سوز: مشھور شاعر خير محمد سوز ولد خدا بخش ٻرڙو، 20 فيبروري 1931ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ورتائين. 1947ع ۾ شھدادڪوٽ ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جا امتحان پاس ڪري 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سنڌيءَ ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، تعليمي قابليت جي بنياد تي 1963ع ڌاري اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر اسڪولس مقرر ٿيو. مختلف عهدن تي رهندي هاءِ اسڪول رئيس ڀنڀو خان چانڊيي اسڪول مان هيڊماستر جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. ادبي زندگيءَ جو آغاز 1949ع کان ڪيائين، شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد علي جوهر آهي. خير محمد ڪيترائي ڊراما بہ لکيا آهن. بزم طالب الموليٰ قنبر جو صدر بہ رهيو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’عشق جي دنيا‘، ’انجام عشق‘ ۽ ’سعيد سوکڙي‘ (قرآن شريف پڙهڻ جا قاعدا) قابل ذڪر آهن.
1931.02.20 عيسوي
مشهور شاعر خير محمد سوز ولد خدا بخش ٻرڙو، 20 فيبروري 1931ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ پيدا ٿيو.