خير ڳڙھہ جو قلعو (قلعو): خير ڳڙھہ جو قلعو بھاولپور ۾ چولستان واري علائقي ۾ ڳوٺ ڀُٽا شيخڻ لڳ واقع آهي. هي قلعو اختيار خان سال 1775ع ۾ جوڙايو هو. قلعو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي، جيڪو رٿ ۾ چورس آهي. هر پاسي کان سندس ماپ 170 فوٽ آهي. هن قلعي جا برج اندر نڪتل آهن، جيڪي اٺڪنڊا آهن. ڀتين جي ويڪر 8 فوٽ ۽ اوچائي 24 فوٽ آهي، جڏهن تہ اوچائيءَ ۾ ٻيڙ ٻني (Paraphet) جي ماپ 8 فوٽ آهي. برجن جو ٻاهريون قطر 46 فوٽ، جنهن ۾ مهاڙيءَ جو 1.5 فوٽ بہ شامل آهي. برجيون جيڪي اندرين پاسي نڪتل آهن، تن کي محرابي ڇت ڏنل آهي. قلعي کي لنگهہ اوڀر ۾ ڏنل آهي، لنگهہ جي ٻنهي پاسي برج ٺهيل آهن، جيڪي قلعي جي ڀت سان ڳنڍيل آهن. اوڀرندي ۽ اولهندي طرف ڪجهہ رهائشي ڪمرا ٺهيل آهن.