
خوشحال خان خٽڪ
خوشحال خان خٽڪ: پشتو ٻوليءَ جي عظيم عوامي ۽ انقلابي شاعر خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ، 1613ع ڌاري اڪوڙه ۾ شھباز خان جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا مغلن جا منصب دار هئا. سندس پڙڏاڏو ملڪ اڪوڙي شهنشاھہ اڪبر جي دور ۾ منصب دار هو ۽ اٽڪ ۽ پشاور جي وچ ۾ محصول وصول ڪندو هو. جھانگير ۽ شاھجھان جي دور ۾ ملڪ اڪوڙي جو پٽ يحييٰ خان ۽ ان کان پوءِ خوشحال خان جو والد منصب دار مقرر ٿيا. 4 جنوري 1941ع تي شھباز خان هڪ قبائلي جهيڙي ۾ مارجي ويو. اُن وقت خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ جي عمر 28 سال هئي ۽ پيءُ جي جاءِ تي کيس شاھجھان بادشاھہ، منصب دار مقرر ڪيو ۽ هي ساڻس ڪيترين جنگين ۽ معرڪن ۾ گڏ رهيو. شاھجھان جي وفات کان پوءِ اورنگزيب 1661ع ۾ ڪابل جو گورنر سيد امير خان کي مقرر ڪيو، جنهن خوشحال خان کي گرفتار ڪري دهليءَ روانو ڪيو، جتي اپريل 1964ع تائين دهليءَ ۽ رنٿنبور جي قلعي ۾ قيد رهيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ خوشحال خان سڄي عمر اورنگزيب جي ڏاڍاين خلاف جنگيون ڪندو رهيو ۽ پٺاڻن کي مغلن جي خلاف ڀڙڪائيندو رهيو.
’باباءِ پشتو‘ جي لقب سان مشھور خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ وڏو انقلابي شاعر ۽ عالم هو. هن پشتو سان گڏ فارسيءَ ۾ بہ شاعري ڪئي، جنهن ۾ هو ’روهي‘ ۽ ’ڪوهي‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. هن لڳ ڀڳ 45 هزار شعر لکيا. سندس شاعريءَ ۾ غزل، قصيدا، رباعيون، قطعا، مسدس، مخمس ۽ ترڪيب بند شامل آهن. خوشحال خان جي شاعريءَ ۾ وطن دوستي، عشق، اخلاق ۽ قومي غيرت جا موضوع موجود آهن. هن شڪار، طب ۽ فقھ جي موضوع تي نثر ۾ بہ ڪتاب لکيا آهن.
خوشحال خان خٽڪ وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکيا، جن مان مشھور ڪتاب هي آهن:
ديوان (ڪليات)، (2) بازنامه (پشتو نثر)، (3) صحت الابدان (پشتو نظم)،
(4) ترجمه هدايھ (نثر)، (5) آئينہ (ترجمو: نثر)، (6) فضل نامہ (پشتو مثنوي، (7) سوات نامه، (8) فرخ نامه، (9) فراق نامہ (جس نامہ)، (10) دستار نامه،
(11) بياض، (12) زنجيري، (13) رياض الحقيقت وغيرہ.
دوست محمد ڪامل، خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ جي ڪلام ۽ نظريہ حيات بابت پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ: ”خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ ظلم جي خلاف آواز بلند ڪيو آهي ۽ پنھنجي مادر وطن ۽ قومي تھذيب جي حفاظت لاءِ هڪ مسلم بادشاھہ سان وڙهيو آهي، ڇا لاءِ تہ اورنگزيب جي نوابن ۽ صوبه دارن ظلم شروع ڪيو هو.“
خوشحال خان خٽڪ جي حقيقي عظمت سندس شاعريءَ ۾ سمايل آهي. هُو سڄي ڄمار ويڙهاڪ رهيو ۽ اورنگزيب سان وڙهندو رهيو، پر هو هڪ فطين (Genius) شخصيت جو مالڪ هو ۽ سندس ڪلام ۾ حقيقي شاعريءَ جو روح سمايل آهي. ڪيترين ڳالهين ۾ خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ، علامہ اقبال جو پيشرو معلوم ٿئي ٿو. سندس ڪلام مان ڪجهہ مثال سنڌيءَ ۾ ڏجن ٿا:
(1) جھان ڪي ٿورا آهن ڇا؟
اي نادان، تون انهن کي ڏسي نہ ٿو سگهين؟
(2) ڏس! ھہڙيون ڪئين زمينون آهن،
۽ ڪئين آسمان آهن،
سڀ تنھنجي دل ۾ سمايل آهن،
اي عرش کان بلند تر انسان!
(3) سڪندر جو آئينو هجي يا جم بادشاھہ جو جام،
اهي سڀ درويش جي دل جو مٽ نہ آهن،
درويشن جي اڳيان بادشاهن جو ئي سر جهڪيل ناهي،
پر آسمان جي گران بہ جهڪيل آهي.