خوشبخت شجاعت

خوشبخت شجاعت

خوشبخت شجاعت

خوشبخت شجاعت: نامور ليکڪا، ٽي. وي ڪمپيئر ۽ سياستدان خوشبخت شجاعت، پهرين نومبر 1948ع تي ڀارتي شھر ڀوپال ۾ جنم ورتو. بعد ۾ والدين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ اچي رهي. کيس ننڍپڻ کان علم ادب سان چاھہ هو. ادبي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ سان گڏ لکڻ جي شروعات ڪيائين. خوشبخت شجاعت اسڪول ۽ ڪاليج جي تقريبن ۾ هڪ مقرر طور ڪافي انعام حاصل ڪيا. هن 1975ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪئي. سندس شھرت جو سبب پاڪستان ٽيليويزن تي نوجوانن جي پروگرامن جي ميزباني آهي، جنهن دوران هن ڪيترين وڏين شخصيتن جا انٽريو پڻ ورتا.
ويجهي ماضيءَ ۾ سياست ۾ داخل ٿي، متحدہ قومي موومينٽ جي ٽڪيٽ تي 2008ع جي چونڊن ۾ ڪراچيءَ جي تڪ NA-250 تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي وئي. ايم. ڪيو. ايم جي ڪلچرل اينڊ لٽرري فورم جي صدر پڻ آهي.


لفظ خوشبخت شجاعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.11.01  عيسوي

نامور ليکڪا، ٽي. وي ڪمپيئر ۽ سياستدان خوشبخت شجاعت، پهرين نومبر 1948ع تي ڀارتي شهر ڀوپال ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سريچند پنجومل صابلاڻي
جمال فقير خاصخيلي
حاجي علي انور کوکر
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
ڄام لاکو ڦلاڻي
ڊنشا هوشنگ نادر شاھہ
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر
عبدالحق شيخ
امر ڀٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون