
خوشاب
خوشاب: خوشاب پنجاب جي سرگوڌا ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ مشھور شھر آهي. شروع ۾ خوشاب تعلقو هو، جنهن کي پهرين جولاءِ 1982ع تي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. هن ضلعي جي اتر ۾ ساڄي طرف ضلعو جھلم ۽ کاٻي طرف ضلعو اٽڪ آهي. درياھہ جي پرئين پاسي سرگوڌا ضلعو اٿس، ڏکڻ ۾ ضلعو جهنگ ۽ اولھہ ۾ ميانوالي ۽ ڀڪر ضلعا آهن. خوشاب ضلعي جي زميني سطح هڪ جهڙي نہ آهي. ڪٿي جبل، ڪٿي ريگستان ۽ ڪٿي ميداني علائقا آهن. ضلعي جي اتر ۾ ’لوڻ جو جبل‘ آهي. ان سلسلي جو سڀ کان وڏو جبل سڪسير بہ هتي آهي. هن علائقي ۾ مشھور وادي سون بہ آهي. هن ضلعي جي ايراضي 6532 چورس ڪلوميٽر آهي. خوشاب، مٺاٽوانه، هڊالي، جوهر آباد، نوشهره ۽ نورپور هن ضلعي جا اهم شھر آهن. صنعتي لحاظ کان هتي شگر ملون ۽ ڪپڙي سميت ٻين شين جا ڪارخانا آهن.
خوشاب شھر سرگوڌا ميانوالي روڊ تي سرگوڌا کان 31 ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. ڪافي قديم آهي. جھلم درياھہ جي ٻوڏن ۾ تباھہ ٿيڻ بعد بابر شاھہ هن شھر کي ٻيهر تعمير ڪرايو هو ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ هڪ ديوار ۽ 11 دروازا ٺهرايا هئائين. بابر پنھنجي هڪ سردار شاھہ حسين کي خوشاب جو حاڪم مقرر ڪيو. جڏهن امير علي بيگ هندستان فتح ڪيو تہ ڀيره، خوشاب ۽ چنيوٽ جا علائقا سندس اولاد جي قبضي ۾ آيا. چيو وڃي ٿو تہ شير شاھہ سوري جڏهن همايون جي تاڙ ۾ لاهور کان پنھنجي فوج سان گڏ ريگستان پار ڪري هتي پهتو هو تہ اُڃ ۾ بيحال سندس فوجين کي جھلم نديءَ جو صاف ۽ شفاف پاڻي پيئڻ لاءِ نصيب ٿيو. بھترين پاڻي پي شير شاھہ سوريءَ جي زبان مان بي اختيار نڪتو:
’خوش آب‘ (بھترين پاڻي)، ان بعد هن شھر جو نالو ’خوش آب‘ پئجي ويو، جيڪو اڳتي هلي ’خوشاب‘ بڻجي ويو. شير شاھہ سوريءَ هتي هڪ سراءِ، تلاءُ ۽ جامع مسجد تعمير ڪرائي. شھر جي چؤطرف هڪ ديوار بہ ٺاهي وئي، جنهن کي ڪيترا ئي دروازا هئا، جن مان صرف هڪ ’جناح گيٽ‘ جي جديد نالي سان محفوظ آهي. هتي سيد احمد شاھہ ۽ سيد محمود شاھہ جون مزارون آهن، جيڪي شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هئا. خوشاب جون لويون، گهڙا، گهگهيون، قالين ۽ کيس مشھور آهن. هتي يوناني ميڊيڪل ڪاليج، ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول سميت ننڍا وڏا سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارا آهن.
1982.07.01 عيسوي
خوشاب پنجاب جي سرگوڌا ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ مشهور شهر آهي. شروع ۾ خوشاب تعلقو هو، جنهن کي پهرين جولاءِ 1982ع تي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.