خورشيد احمد شاهه

خورشيد احمد شاهه

خورشيد احمد شاھہ

خورشيد احمد شاھہ: نامياري سياستدان، سيد خورشيد احمد شاھہ ولد سيد ذوالفقار علي شاھہ، 20 اپريل 1952ع تي سکر ۾ جنم ورتو. اسلاميہ ڪاليج سکر مان گريجوئيشن ڪيائين. 1974ع ۾ ماسٽرس ۽ 1978ع ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سيد خورشيد احمد شاھہ جي سياسي وابستگي ابتدا کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي. 1988ع ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان عرصي ۾ کيس مختلف صوبائي وزارتن جا قلمدان ڏنا ويا، جن ۾ تعليم، تجارت، اطلاعات ۽ ناڻو کاتو شامل آهن. 1991ع کان 1993ع واري عرصي ۾ سيد خورشيد شاھہ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. چونڊن بعد نئين ڪابينا ۾ کيس تعليم جو وفاقي وزير بڻايو ويو. 1997ع ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن تي ڪاميابي ماڻيائين. 2002ع واري اليڪشن ۾ اين. اي- 198 تان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ کٽيائين. ان عرصي دوران پيپلز پارٽي اپوزيشن جي جماعت رهي. 2008ع وارين عام چونڊن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽي آئي تہ خورشيد احمد شاھہ کي پهريان اوورسيز ۽ بعد ۾ ’پورهئي ۽ مذهبي مامرن‘ واري کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. اوورسيز سندس اليڪشني تڪ پنو عاقل ۽ سکر آهي. هن وقت سندس شمار پارٽيءَ جي سينيئر ۽ سنجيدہ سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. مستقل رهائش سکر ۾ اٿس. ڪرڪيٽ ۽ موسيقيءَ سان دلچسپي رکي ٿو. خورشيد احمد شاھہ قومي اسيمبليءَ ۾ قائم ڪيل مختلف ڪميٽين جو ميمبر پڻ آهي.


لفظ خورشيد احمد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.20  عيسوي

نامياري سياستدان، سيد خورشيد احمد شاهه ولد سيد ذوالفقار علي شاهه، 20 اپريل 1952ع تي سکر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيلا سندر
سراج
صابره بيگم ڊاڪٽر
تنوير جوڻيجو
رحم علي جعفري
بابا ذهين شاھہ تاجي
جلال فقير ٽالپر
وحيد محسن
رشيد بن زبير قاضي
ديو اُڌارام ناٿاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون