خواجه گل حسن (پير بادشاهه)

خواجه گل حسن (پير بادشاهه)

خواجہ گل حسن پير بادشاھہ

خواجہ گل حسن (پير بادشاھہ): خواجہ گل حسن امام العارفين جو فرزند هو. هي تمام وڏو اهل ۽ درگاھہ لنواريءَ جو ستون مسند نشين ٿي گذريو آهي. خواجہ گل حسن، 30 آگسٽ 1909ع تي لنواري، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. باهمت ۽ خوش اخلاق ۽ سنجيدہ مزاح هو. هميشہ حق ۽ سچ جي پرچار ڪيائين. وٽانئس ڪڏهن بہ ڪو سوالي خالي نہ موٽيو. پير علي محمد راشدي پير صاحب بابت لکيو آهي تہ: ”حضرت پير بادشاھہ خواجہ گل حسن هڪ ڪامل پير سان گڏ هڪ سٺو انسان پڻ هو. پاڻ اعليٰ پايي جو درويش ۽ جامع الصفات پير هو. هِن جهڙو پير وري سنڌ ڪونه ڏسندي.“ پير صاحب 44 سال مسند تي رهيو. هن پنھنجي ڳوٺ کي بجلي، واٽر سپلاءِ، هاءِ اسڪول ۽ گرلس مڊل اسڪول جهڙيون سهولتون ڏياريون. غريبن ۽ اميرن کي هڪ نظر سان ڏسندو هو، مريدن ۾ ڪنهن بہ قسم جي لالچ نہ رکندو هو. غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏيندو هو ۽ بيمارن جي علاج جو خرچ ڀريندو هو. شريعت جو پابند، مريدن کي نماز، روزي جي سختيءَ سان تاڪيد ڪندو هو. قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. پنھنجي وقت جو سٺو حڪيم بہ هو، حڪمت جي اعليٰ ڊگري بہ حاصل ڪئي هئائين. گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو. عيد يا ڪنهن خاص ڏينهن تي دوستن ۽ مريدن کي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي ڏيندو هو. غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو. کيس سنڌي، گجراتي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هو. هن فقير صفت بزرگ 16 سيپٽمبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.08.30  عيسوي

خواجه گل حسن امام العارفين جو فرزند هو. هي تمام وڏو اهل الله ۽ درگاهه لنواريءَ جو ستون مسند نشين ٿي گذريو آهي. خواجه گل حسن، 30 آگسٽ 1909ع تي لنواري، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.


1982.09.16  عيسوي

فقير صفت بزرگ خواجه گل حسن 16 سيپٽمبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباد بن بشر رضي ﷲ عنه
خضر عليہ السلام
خواجہ شيخ عبداللطيف لنواريءَ وارو
شعيب عليہ السلام
امين شاھہ چشتي
حاجي شير محمد شاھہ مهاجر مدني
حام بن نوح
قاضي خيرالدين
خواجہ محمد اشرف ويهڙائي
علي ابن ابي طالب عليہ السلام
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون