خواجہ نظام الدين مجددي شڪارپوري

خواجہ نظام الدين مجددي شڪارپوري: سنڌ جي مشھور ۽ معروف بزرگ ۽ فارسيءَ جي شاعر خواجہ نظام الدين مجددي ولد خواجہ غلام محي الدين پشاور ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي ڏاڏي جي نگرانيءَ هيٺ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪئي، تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. جڏهن پشاور تي سکن قبضو ڪيو، تڏهن هيءُ پنھنجي خاندان سميت 1806ع ڌاري شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، جتي ميرن سندس تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ کيس جاگير بہ ڏني. پاڻ نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. خواجہ نظام الدين مجددي علوي خاندان پاران جاگيرن ۽ نذرانن جي باوجود هن فقير ۽ درويشيءَ جي زندگي گذري.
انڪساري ۽ عاجزيءَ سان سموري زندگي گذاريائين. خانداني روايت موجب فارسي شعر بہ چوندو هو. سندس ڪجهہ غزل ۽ مناجاتون ملن ٿا. سندس ڪتابن ۾ ’اسرار رموز نقشبنديه‘ ۽ ’خمس ڪريما‘ قابلِ ذڪر آهن. پهرئين ڪتاب ۾ نقشبندي طريقي جي خوبين ۽ تصوف جي اسرارن جو بيان ٿيل آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. هن بزرگ 17 رجب 1273ھہ/ 13 مارچ 1857ع تي وفات ڪئي. سندس مقبرو شڪارپور جي لکي دروازي وٽ آهي. کيس 9 فرزند ٿيا، جن مان خواجہ امام الدين گادي نشين ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1857.03.13  عيسوي

هن بزرگ 17 رجب 1273هه/ 13 مارچ 1857ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
اصغر نديم سيد
ڀٽو مدهوش
علڻ الستي
ڪامران جيلاني
غلام نبي غازي
شھمير سومرو
عبدالرحيم گرهوڙي شھيد
خليل عارف سومرو
سرويچ سجاولي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون