خواجہ نظام الدين مجددي شڪارپوري

خواجہ نظام الدين مجددي شڪارپوري: سنڌ جي مشھور ۽ معروف بزرگ ۽ فارسيءَ جي شاعر خواجہ نظام الدين مجددي ولد خواجہ غلام محي الدين پشاور ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي ڏاڏي جي نگرانيءَ هيٺ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪئي، تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. جڏهن پشاور تي سکن قبضو ڪيو، تڏهن هيءُ پنھنجي خاندان سميت 1806ع ڌاري شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، جتي ميرن سندس تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ کيس جاگير بہ ڏني. پاڻ نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. خواجہ نظام الدين مجددي علوي خاندان پاران جاگيرن ۽ نذرانن جي باوجود هن فقير ۽ درويشيءَ جي زندگي گذري.
انڪساري ۽ عاجزيءَ سان سموري زندگي گذاريائين. خانداني روايت موجب فارسي شعر بہ چوندو هو. سندس ڪجهہ غزل ۽ مناجاتون ملن ٿا. سندس ڪتابن ۾ ’اسرار رموز نقشبنديه‘ ۽ ’خمس ڪريما‘ قابلِ ذڪر آهن. پهرئين ڪتاب ۾ نقشبندي طريقي جي خوبين ۽ تصوف جي اسرارن جو بيان ٿيل آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. هن بزرگ 17 رجب 1273ھہ/ 13 مارچ 1857ع تي وفات ڪئي. سندس مقبرو شڪارپور جي لکي دروازي وٽ آهي. کيس 9 فرزند ٿيا، جن مان خواجہ امام الدين گادي نشين ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو