
خواجه مير درد
خواجہ مير درد: خواجہ مير بن خواجہ محمد ناصر عندليب، اردوءَ جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1133ھہ/1721ع ۾ دهليءَ ۾ جنم ورتو. والد جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو. دهلي سلطنت جي تباهيءَ واري دور ۾ حملي وقت موجود هو. تفسير، حديث، تصوف ۽ ٻين علمن جي ڄاڻ رکڻ سان گڏ موسيقيءَ ۾ بہ مهارت رکندو هو. هر مهيني جي ٻين ۽ 24 تاريخ تي هن وٽ سماع جي محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾ عالم ۽ امير شريڪ ٿيندا هئا. هن هڪ سئو يارهن عنوانن تي تصوف جون رمزون ۽ معاملا بيان ڪيا آهن. آزاد ’آب حيات‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”درد جي شاعريءَ جو بنيادي امتياز اهو آهي تہ تصوف جهڙو هن لکيو. اردوءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن بہ ناهي لکيو“. درد جي غزلن ۾ صوفياڻن خيالن سان گڏ مجازي عشق بہ نظر اچي ٿو. انهن ۾ مجاز ۽ حقيقت گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هن جي فارسي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ اردو شاعري بهتر آهي. فارسيءَ ۾ سندس رباعيون زبردست آهن. مشھور جرمن اسڪالر اينيمري شمل سندس صوفياڻي شاعريءَ ۽ موضوعن جي ڀيٽ شاھہ لطيف سان ڪرڻ خاطر هڪ ڪتاب ‘Pain and Grace’ لکيو هو، جنهن ۾ هن لفظ Pain مير درد لاءِ ۽ Grace شاھہ لطيف لاءِ استعاري طور استعمال ڪيا آهن. هن 24 صفر 1199ھہ/ 6 جنوري 1785ع ۾ وفات ڪئي.
1785.01.06 عيسوي
مير خواجه درد 24 صفر 1199هه/ 6 جنوري 1785ع ۾ وفات ڪئي.