خواجہ ميان عبدالحق

خواجہ ميان عبدالحق: سنڌ جي مشھور بزرگ، عالم ۽ اهل الله، خواجہ ميان عبدالحق جو تعلق درازا سان هو ۽ خواجہ محمد حافظ عرف ميان صاحبڏني جو ٻيو فرزند هو. جنهن کي موراڳي سوائي بہ سڏيو ويندو هو. سندس جنم 1120ھہ مطابق 1708ع ۾ ٿيو. والد جي وفات کان پوءِ خواجہ ميان عبدالحق درازن جي درگاھہ جو مسند نشين ٿيو. هي سنڌ جي نامور صوفي شاعر سچل سرمست جو سڳو چاچو هو. خواجہ عبدالحق ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي وقت جي مشھور عالمن کان سکيا ورتائين، هو عربي، فارسي، فقھ، حديث ۽ تفسير جو وڏو عارف هو. ڪيترا ماڻهو کانئس فيضياب ٿيا. خواجہ عبدالحق فارسي ٻوليءَ جو قادر الڪلام شاعر بہ هو. هن سنڌيءَ ۾ بہ ڪجهہ بيت چيا، جن ۾ روحاني رمزن کي واضح ڪري بيان ڪيو ويو آهي. سچل سرمست جي روحاني ۽ فڪري تربيت خواجہ صاحب اهڙي ڪئي، جو سچل سرمست تصوف جون منزلون طئي ڪري بزرگيءَ ۽ ولايت جي منزل تي پهتو.
سچل سرمست کيس عقيدت مان ’مرشد‘ سڏيو آهي. جنهن جو اظهار پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ڪيترن هنڌن تي ڪيو آهي. فارسي توڙي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ۾ خواجہ صاحب سان سندس عقيدت جو رنگ ڏسي سگهجي ٿو.
خواجہ عبدالحق 94 سالن جي ڄمار ۾ 1214ھہ مطابق 1799ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار سچل سرمست جي روضي ۾ آهي. خواجہ صاحب جي مزار تي ڪتبو بہ سچل سائينءَ جو چيل آهي:
مرشد ڪامل حقيقت يار،
وارث دين احمد مختيار،
گو هر بحر انھ واحد،
ليس في الدار غيره ديار.
1214ھہ


لفظ خواجہ ميان عبدالحقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو