خواجه  محڪم الدين سيراني جي درگاهه

خواجه محڪم الدين سيراني جي درگاهه

خواجہ محڪم الدين سيراني

خواجہ محڪم الدين سيراني: خواجہ محڪم الدين سيراني 1137ھہ /1725ع پاڪ پتڻ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ محب عليءَ ۾، کـرل قبيـلـي ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد عبدالله هو. روحاني فيض پنھنجي سئوٽ خواجہ عبدالخالق کان ورتائين، جيڪو خواجہ اويس قرنيءَ جي اويسي سلسلي جو هو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ ديني تعليم مڪمل ڪري پنھنجي مرشد سان گڏ دهليءَ روانو ٿيو، جتي پنھنجي تعليم مڪمل ڪيائين. ذڪر ۽ فڪر جي لحاظ کان پاڻ سلسله قادريه حنفيہ سان لاڳاپيل هو. سڄي زندگي اڪيلو رهيو ۽ شادي نہ ڪيائين.
خواجہ محڪم الدين سيراني، سدائين سير ۽ سفر ۾ رهندو هو ۽ مرشد جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪٿي بہ هڪ رات کان وڌيڪ نہ ٽڪيو، ان ڪري کيس ’سيراني‘ ۽ ’صاحب السير‘ سڏجي ٿو. دنياوي شين کان پري رهڻ ڪري کيس ’سلطان التارڪين‘ بہ چيو ويندو آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس مجلسن ۾ سماع ٿيندو هو. سنڌ ۾ درگاھہ مڪان شريف (موجودہ تعلقو ٽنڊو الهيار) جي بزرگ مخدوم عبدالحميد ٻوچڙائيءَ جي خدمت ۾ ڪجهہ عرصو رهيو ۽ ڪرڙ جي هڪ وڻ هيٺان هڪ جهوپڙي ٺاهي ذڪر فڪر ۾ رهيو. ان جهوپڙي واري هنڌ کي اڃا تائين ’خانقاھہ‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پنجاب ۾ سندس درگاھہ واري علائقي جو بہ نالو آهي.
ڪاٺياواڙ ۾ دهرا جي بندر وٽ 6 ربيع الثاني 1197ھہ/ تي حافظ ڪوڪي نالي شخص کين زهر ڏئي شھيد ڪيو. سندس عمر 60 سال هئي. دهراجي ۾ سندس شهادت جي جاءِ تي بہ سندس درگاھہ قائم آهي. سندس مزار خانقاه ضلع بھاولپور ۾، سمه سٽه کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي، جتي سندس عاليشان مقبرو ۽ درگاھہ ٺهيل آهي، جتي هر سال 5 ربيع الثاني تي عرس ٿيندو آهي. موجودہ گادي نشين ميان صلاح الدين اويسي آهي.


لفظ خواجہ محڪم الدين سيرانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو