خواجه محمد طاهر بخشي، نقشبندي

خواجه محمد طاهر بخشي، نقشبندي

خواجہ محمد طاهر بخشي نقشبندي

خواجہ محمد طاهر بخشي، نقشبندي: خواجہ محمد طاهر نقشبندي، عام معروف ’سڄڻ سائين‘ جو جنم، 21 مارچ 1962ع تي، درگاھہ رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد خواجہ بخش عـرف ’سـهڻـا سـائيـن‘ پڻ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو، جنـهـن جـو تـعلـق خواجہ غريب نواز حضرت فضل علي شاھہ قريشيءَ جي خانوادي سان هو. سڄڻ سائين، ’جماعت اصلاح المسلمين‘، ’روحاني طلبا جماعت‘ ۽ ’جميعت علماء طاهريه‘ جو سربراھہ آهي. سندس 300 کان وڌيڪ خليفا آهـن، جيڪي دنيا ۾ نقشبندي طريقي جي تبليغ ڪندا رهن ٿا. هـن وقت هو پنھنجي نئين رهائشگاھہ ’ باد شريف‘، ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ رهي ٿو، جتي سندس والدين ڪجهه وقت اڳي لڏي اچي ويٺا هئا.
سڄڻ سائينءَ، پنھنجي ابتدائي ۽ قرآني تعليم دادو ضلعي جي راڌڻ شھر جي ’درگاھہ فقيرپور‘ مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ تجويد قرآن، حديث، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم، جامعہ عربيه غفاريه مان حاصل ڪري، اڳتي پڙهڻ لاءِ ’المرڪز قادريه ڪراچي‘ ۾ داخل ٿيو، جتان حديث جي سنَد حاصل ڪيائين ۽ 1979ع ۾ اُتان ئي درس نظاميءَ کانپوءِ فارغ التحصيل ٿيو. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ڊگري ورتائين. هن نقشبندي، مجددي طريقي جي خلافت ٽي ڀيرا پنھنجي والد کان ورتي ۽ سندس وفات کانپوءِ ان جي تبليغ ۽ تدريس جو ڪم پاڻ تي کنيائين ۽ جماعت طرفان متقفه طور کيس پنهنجو رهبر مڃيو ويو.
خواجہ محمد طاهر عرف ’سڄڻ سائين‘ صوفين وانگر پاڪ جي اطاعت، نبي سڳوري سان محبت ۽ سموري انسانيت سان ڀائپيءَ ۽ محبت جو درس ڏيندي، مختلف فرقن ۽ مسلڪن کي پاڻ ۾ رواداريءَ سان رهڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس شيخ جو عرس، هر سال نومبر جي مهيني ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ لکين عقيدتمند ۽ مريد اچي شريڪ ٿيندا آهن ۽ الاهي ذڪر ڪندا آهن.
خواجہ محمد طاهر ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سڀئي اردوءَ ۾ آهن، جن مان مکيہ هي آهن: ڪرامات طاهريه، خطابات طاهريه (ٻہ جلد)، تحفة الطاهرين، ملفوظات طاهريه، مقالات طاهريه ۽ بوستان طاهريه. ان سان گڏوگڏ ’طاهريه جماعت‘ طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي مدرسا قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ غريب شاگردن کي مفت اسلامي تعليم ڏني وڃي ٿي، جن جا نالا هن ريت آهن. ’مدرسہ جامعہ عربيه غفاريه، درگاھہ آباد ڪنڊيارو‘، ’فقيرپور‘ (راڌڻ، ضلعو دادو)، ’جامعہ بخشيه‘ (نئون ديرو)، ’روح قرآن، لوهار مسجد‘ (حيدرآباد)، ’مـدرسـه جــامـعـه عـربـيــه طـاهـريه درگاهــه طـاهـرآبـاد‘ (ٽـنـڊو الـهيــار)، ’دار الـفيـوض‘ (مهاجر ڪئمـپ ڪراچي)، ’مدرسہ تعليم الاسلام، اُٿل‘ (بلوچستان)‘ ۽ ’مدرسہ نور مصطفى‘، ڳوٺ سوڙهو (پنوعاقل، سکر).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.21  عيسوي

خواجه محمد طاهر نقشبندي، عام معروف ’سڄڻ سائين‘ جو جنم، 21 مارچ 1962ع تي، درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريمچند ڪيولرام شھاڻي
مهاراج سکرامداس اوجها
مخدوم ساهڙ لنجار
پارس جهانزيب
جهانگيرڪرامت
سوامي گرمکداس مهراج
جوزف سلاڊن
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
خلجي جلال الدين فيروز
سيد عبدالرحيم موسوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون