خواجہ غلام محمد نقشبندي

خواجہ غلام محمد نقشبندي: خواجہ غلام محمد نقشبنديءَ جو تعلق بکر سان هو. پنھنجي دور جو نامور جيد عالم ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو غلام محمد ۽ لقب خواجہ حافظ هو. کيس عربي، فارسي، پنجابي ۽ اردو زبان تي عبور حاصل هو. هُو پهرين جامع مسجد قطب شاھہ بکر جو خطيب ٿي رهيو. ان بعد بکر ۾ هڪ ’جامع مسجد‘ ٺهرايائين. هن سيپٽمبر 1886ع ۾ مرڪزي عيدگاھہ بکر جو بنياد رکيو ۽ ان کي بادشاهي مسجد جي طرز تي تعمير ڪرايو. جامع مسجد ۽ عيدگاھہ سندس يادگار تعميرات ۾ شامل ٿين ٿيون. خواجہ غلام محمد، 14 ڊسمبر 1936ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مرڪزي قديمي عيدگاھہ بکر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.12.14  عيسوي

خواجه غلام محمد، 14 ڊسمبر 1936ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صورت سنڌي
جوزف اسٽالن
ڄام سڪندر (اول)
چاڪر خان راڄڙ
چانڊيو عبدالحميد
آسو رام آسو
عبدالڪريم لوڌي
ڏاتو کهاوڙ
بشير احمد قريشي
ڄام ڀرمل- I
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون