خواجہ غلام حسين ملنگ: سنڌ جو مشھور مرثيي گو شاعر خواجہ غلام حسين ملنگ 1904ع ڌاري اباڻي ڳوٺ نندي شهر، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي پڙهي ڳوٺ جي هڪ مولوي صاحب وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين،سندس والد سيٺ غلام علي پنھنجي وقت جو سٺو واپاري هو، ان ڪري پاڻ بہ اهو ڌنڌو اختيار ڪيائين. لاڙ ۾ سڀ کان پهرين جن چئن ماڻهن سر آغا خان جي بيعت ٽوڙي اسماعيلي عقيدي کي ڇڏيو، تن مان سيٺ غلام حسين هڪ هو. ان کانپوءِ هنن اثنا عشري عقيدو اختيار ڪيو، هن وقت لاڙ ۾ اثنا عشري عقيدي واري سموري خواجہ برادري هنن چئن بزرگن جو اولاد آهي. خواجہ غلام حسين تي هنن سرگرمين جو گهڻو اثر پيو ۽ اهل بيت سان عقيدت جي اظهار ۾ هن پاڻ کي ملنگ مشھور ڪيو. پاڻ 1928ع کان شاعري ڪيائين، شاعريءَ ۾ مداحون، نعتون، سلام، نوحا ۽ مرثيا گهڻي انداز ۾ چيا اٿس، سندس آواز ۾ گهڻو سوز هو. سهرا ۽ ڳيچ لاڙ پاسي ڪافي مقبول آهن. غلام حسين ملنگ جي وفات 1953ع ۾ ٿي.