خواجہ عبدالحئي نقشبندي: مشھور بزرگ خواجہ عبدالحئي ولد مخدوم شھاب الدين نقشبندي 18 اپريل 1765ع ۾ نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هي پنھنجي وقت جو وڏو عالم بزرگ ٿي گذريو آهي، جهوڪ شريف واري بزرگ حضرت صوفي فضل ﷲ شاھہ قلندر جو معتقد هو. سڄيءَ سنڌ سان گڏ پنجاب، ايران، عراق، قنڌار ۽ هندستان جو سير ڪيو هئائين. وحدت الوجود جي فلسفي جو وڏو داعي هو. سندس فرزند شاھہ نصير بہ سنڌ ۾ انهيءَ مسلڪ کي عام ڪيو. خواجہ عبدالحئي کي فقھہ ۾ ملڪو حاصل هو. سندس فتوائون سمورن عالمن لاءِ قابل قبول هيون. کيس شاعريءَ جو بہ شوق هو. سنڌي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ ڪافي ڪلام چيائين، جيڪو ڪافين تي مشتمل آهي. پاڻ 98 ورهين جي وڏي عمر ۾ 7 جمادي الاول 1280ھہ/ 20 آڪٽوبر 1863ع تي وفات ڪئي. سندس خاص خليفن ۾ ’ عثمان فقير سانگي‘، ’خوش خير محمد هيسباڻي‘ ۽ ’فقير هري سنگهہ‘ ’عاصي‘ جا نالا قابل ذڪر آهن. سندس درگاھہ تي هر سال ميلو لڳندو آهي.
1765.04.18 عيسوي
مشهور بزرگ خواجه عبدالحئي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي 18 اپريل 1765ع ۾ نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
1863.10.20 عيسوي
خواجه عبدالحئي نقشبندي 98 ورهين جي وڏي عمر ۾ 7 جمادي الاول 1280هه/ 20 آڪٽوبر 1863ع تي وفات ڪئي.