خواجہ شيخ عبداللطيف لنواريءَ وارو: خواجہ شيخ عبداللطيف ولد خواجہ گل محمد، خواجہ محمد زمان ثانيءَ جو ننڍو ڀاءُ ۽ خليفو هو. پنھنجي ڀاءُ وٽان فيض ۽ تلقين حاصل ڪيائين. شروعات واري زماني ۾ مٿس ڪو اهڙو وقت بہ گذريو، جو بلڪل مسڪين ٿي ويو، ايتري قدر جو سخت سرديءَ جي موسم ۾ بہ مٿي ۽ پيرين اگهاڙو گهمندو وتندو هو ۽ هميشہ هي شعر زبان تي هوندو هئس:
گل را چه مجال است که گويد بہ گلال،
از بھر چه سازي و از بھر چه شکني.
هڪ دفعي حج جي سفر تي روانو ٿيو، جڏهن مڪي پهتو، پنھنجي هڪ دوست کي چوڻ لڳو تہ اڳ ۾ ڪعبي جي زيارت جو شوق هو، هاڻي هتي پهچڻ کانپوءِ پنھنجي مرشد جي ديدار جو شوق ٿيو آهي. سندس عادت هئي تہ سردي جي موسم ۾ تمام گهڻيون گودڙيون، رليون ۽ ڪپڙا پاڻ وٽ جمع ڪري رکندو هو ۽ ضرورتمندن کي ورهائي ڏيندو هو. هيءُ بزرگ، طبع جو حليم، حيادار ۽ وڏو زاهد هو. رات ڏينهن نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. هڪ دفعي پنھنجي وڏي ڀاءُ ۽ مرشد کي عرض ڪيائين تہ مون خواب ڏٺو آهي تہ اسان ٻنهيءَ مان هڪڙو هن سال وفات ڪندو. دعا گهري اٿم تہ اوهان شال زندھہ رهو ۽ آئون گذاري وڃان. ستت ئي بيمار ٿي پيو، آخري وقت ۾ جڏهن سندس ڀاءُ خواجہ محمد زمان ثاني سندس مٿان اچي پڇيو تہ ڇا حال آهي؟ جواب ۾ چيائين:
من بجان فنا شدم چه غم است
غرض اندر ميان سلامت اوست
ايئن چئي ڪعبي ڏي منهن ڪري مُرڪيو ۽ 15 شعبان 1236ھہ مطابق 18 مئي 1821ع ۾ وفات ڪيائين.
1821.05.18 عيسوي
خواجه شيخ عبداللطيف لنواريءَ وارو15 شعبان 1236هه مطابق 18 مئي 1821ع ۾ وفات ڪئي.