خواجہ شمس الدين: مشھور اديب، شاعر ۽ صحافي شمس الدين خواجہ انگريزي، عربي، فارسي ٻولين ۾ مهارت رکندو هو. هن سڄي زندگي معاشرتي ناانصافين خلاف لکيو. شمس الحق خواجہ جا وڏا راجپوت هئا، جن پوءِ اسماعيلي مسلڪ اختيار ڪيو. خواجہ صاحب حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ’بانگ درا‘ جاري ڪئي، جنهن ۾ وڏن زميندارن، ڪامورن ۽ حڪومتي سربراهن جا پول پڌرا ڪندو هو، جنهن تان ناراض ٿي وقت جي حڪومت اخبار تي بندش وجهي کيس حيدرآباد جيل موڪليو ويو. حيدرآباد مان ’الحبيب‘ نالي اخبار خواجہ صاحب جو دوست غلام علي ڪڍندو هو. آزاد ٿيڻ بعد هن اها اخبار خواجہ صاحب جي حوالي ڪئي. اڳتي هلي حڪومت اُن اخبار جو بہ ڊڪليئريشن رد ڪري ڇڏيو. انکان پوءِ کيس مشرقي پاڪستان موڪليو ويو، هن ٽن ٻولين: ’سنڌي‘، ’اردو‘ ۽ ’بنگالي‘ ۾ ’بانگ درا‘ اخبار جاري ڪئي. هن ڍاڪا ۾ رهي قلمي جهاد ڪيو ۽ بنگالي عوام جي خدمت ڪئي، اڳتي هلي سندس سرگرمين کي ناپسنديده قرار ڏئي کيس واپس سنڌ موڪليو ويو. خواجہ صاحب ’نهج البلاغه‘ جو ترجمو ڪيو. مسلسل محنت ڪرڻ ڪري بيمار رهڻ لڳو ۽ 21 اپريل 1941ع ۾ وفات ڪري ويو.
1941.04.21 عيسوي
خواجه شمس الدين21 اپريل 1941ع ۾ وفات ڪري ويو.