
خواجه خضر جو آستانو
خواجہ خضر جو آستانو: هيءَ خانقاھہ بکر (روهڙي) جي قلعي جي اوڀر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي، جنهن کي خواجا خضر جو آستانو چون ٿا. هن آستاني لاءِ نامور محقق راورٽيءَ لکيو آهي ته، ”خانقاھہ تعمير ٿيڻ کان اڳ هن ٽڪريءَ تي ماڻهو رات جو ڏيئو ٻرندي ڏسندا هئا، جڏهن ٻيڙين ذريعي اتي پهچندا هئا تہ ڏيئو غائب ٿي ويندو هو. هن ٽڪريءَ تي هندن ’زندہ پير‘ اڏيري لعل جو آستان ٺاهيو هو ۽ سندن عقيدو هو تہ سمنڊ جا پلا اڏيري لعل جي زيارت ۽ درگاھہ جي چائنٺ چمڻ لاءِ هتي پهچن ٿا. سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ بکر جي نواب ڪشلو خان هن ٽڪريءَ تي خواجہ خضر جي خانقاھہ جوڙائي. خانقاھہ جو عاليشان دروازو روهڙيءَ ڏانهن هو ۽ مٿس وڏو قبو هو. هن دروازي تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل هو. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ درياھہ جو پاڻي هن آستاني جي ڏاڪڻ کان مٿي چڙهي ايندو هو. هن ٽڪريءَ تي هڪ غار بہ آهي، جا هندن توڙي مسلمانن جي گڏيل زيارت گاھہ هئي. هندن دروازي مٿان گهنڊ ٻڌا هئا، جيڪي صبح شام وڄندا هئا. ابن بطوطه هن خانقاھہ ۾ شمس الدين شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جي عمر ان وقت 120 ورهيہ هئي. انگريزن جي دؤر ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ خواجہ خضر واري آستاني تان ڇڪتاڻ ٿي هئي. پر هندو پوءِ هٿ کڻي ويا. جند پير يا زندہ پير جي آستاني قائم ڪرڻ لاءِ 1894ع 16.50 ايڪڙ زمين ڏني ويئي هئي ۽ هندن اتي آستانو ٻيهر نئون ڪري جوڙايو. 1958ع ۾ هيءُ آستان درياھہ جي آبڪلاڻيءَ کانپوءِ ويران ۽ برباد ٿي ويو. پر ترت ٻيهر هن آستاني کي آباد ڪيو ويو. هتي آستاني سان لڳ هڪ مسجد بہ خواجہ خضر جي نالي سان موجود آهي جيڪا 1602ع ۾ بکر ۾ مغلن پاران مقرر ٿيل نواب سعد ﷲ خان ٺهرائي هئي. ٻيٽ جي بيهڪ مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ اڳ شاندار ٻيٽ هو ۽ وڏي رونق وارو هنڌ رهيو هوندو.