خواجہ حسن جان

خواجہ حسن جان: برصغير هند و پاڪ جي مشھور بزرگ، روحاني درويش، نقشبندي طريقي جي سرواڻ، حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ جي نائين پيڙهيءَ مان خواجہ عبدالرحمان جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند هو. خواجہ حسن جان صاحب پنھنجي والد بزرگوار کان سواءِ مُلان مير اعظم علي زئي ۽ مولوي لعل محمد مٽيارين واري کان ۽ مڪي پاڪ ۾ مدرسہ صوليته ۾ مولانا رحمت مهاجر مڪيءَ وٽان تعليم حاصل ڪئي. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو عالم هو. ڪجهہ عرصي لاءِ ٽکڙ شھر ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم بہ ڪيائين. 1315ھہ/ 1898ع ۾ پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ پنھنجي درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جن مان ’انيس المريدين‘ فارسي زبان ۾ گهڻو مشھور آهي. خواجہ صاحب 2 جون 1946ع تي وفات ڪئي. کيس ٽي فرزند خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغا، آغا عبدالستار جان ۽ حافظ محمد هاشم جان سرهندي هئا.


لفظ خواجہ حسن جانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو