خليل لاشاري

خليل لاشاري: ڪلهوڙن جي دؤر جي شاعر ميان خليل لاشاري ضلعي گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ اسلام لاشاريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ شاعري ڪندو هو. شاعريءَ ۾ سندس لاڙو مجازي عشق ڏانهن هو، جنهن کيس بيقرار ڪري ڇڏيو هو. سدائين سير ۽ سفر ۾ رهيو. ڪافيءَ جو بھترين شاعر هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪافيءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪجهہ ڪا ڳالھہ سڻاوان واھہ واھہ،
سودا سچ ٿيا ٺھہ پھہ،
ڇاتي دي وچ جهاتي هي، سانون فيض حياتي هي،
لڳي اوڙڪ تي جهنگ وسائي، لڳي ڀڙڪ برھہ دي باھہ.



لفظ خليل لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو