خليفو محمد صالح بائجوي

خليفو محمد صالح بائجوي: خليفو محمد صالح ڌاريجو، خدا بخش خان ڌاريجي جي گهر 1850ع ڌاري بائجي، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. خليفي محمد صالح جو ڏاڏو بايزيد، پني عاقل کان ڏکڻ طرف مشھور ماڳ پير احمد سلطان جي ڀر ۾ واقع ڳوٺ پراڻي بائيجيءَ جو رهاڪو هو، جيڪو پوءِ لڏي اچي سلطانپور ۾ ويٺو، جتي سندس تربت ’پير مشائخ‘ جي نالي سان مشھور آهي ۽ اتي ساليانو ميلو لڳندو آهي.
خليفو محمد صالح پيءُ جو ٻيو نمبر پٽ هو. هن فارسي، عربي ۽ سنڌي تعليم مولوي جمال الدين ڀٽيءَ کان پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ اباڻي ڪرت زمينداري ۾ مصروف ٿي ويو. جوانيءَ ۾ ’ملھہ‘ راند جو بہ شوقين هو. محمد صالح ڌاريجي 1310ھہ/ 1892ع ڌاري مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان بيعت ۽ فيض حاصل ڪيو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان لاڳاپي سبب کيس خانداني مخالفت کي منهن ڏيڻو ۽ مال ملڪيت کان هٿ ڌوئڻو پيو. بائجي شريف ۾ درگاھہ قائم ڪري ذڪر فڪر جاري ڪيائين. خليفي محمد صالح جي خليفن ۾ مخدوم
غلام رسول، مولانا محمد حيات ناڙيءَ وارو، ميان صابل شاھہ ۽ فقير ولي محمد شيخ مشھور آهن. مولانا تاج محمود امروٽي هن علائقي جي ماڻهن کي چوندو هو تہ: ”هتي جيڪا باھہ ٻريل آهي، ان مان خليفي محمد صالح چڻنگ کڻي وڃي بائجي شريف ۾ ٻاري آهي، ان ڪري اوهان اتي ويندا ڪريو ۽ هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نہ ڪندا ڪريو.“ خليفي صاحب 92 سالن جي عمر ۾ 16 اپريل 1942ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.04.16  عيسوي

خليفي صاحب 92 سالن جي عمر ۾ 16 اپريل 1942ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنگر غلام نبي
تميزالدين مولوي
گل محمد عمراڻي
شان اداڪار
پير سخي عثمان شاھہ
تراب لاڙڪاڻوي
رضوي سيد غلام شبير شاھہ
استاد محمد خان ڏيڌڙو
رتي ٻائي
ابڙو شيخ ھالاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون