خليفو لائق ڏنو (ڀٽائيءَ جو راڳي): خليفو لائق ڏنو، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عقيدتمند، خليفو ۽ راڳ جو سرواڻ هو. هن ڪيهر فقير جي وفات کانپوءِ ڏهن سالن تائين شاھہ جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي. هن سان گڏ
ابراهيم فقير، پير علي بخش شاھہ، تاجو وساڻ، يوسف ٻگهيو، عيسيٰ فقير ٻگهيو ۽ يوسف فقير ٻگهيو درگاھہ لطيفيءَ تي شاھہ جو راڳ ڳائيندا هئا. فقير ميين شاھہ ڪريم جي درگاھہ تي شاھہ جو ڪلام ڳائيندو هو ۽ دردمند آواز سان ڀٽائيءَ جو پيغام عام ڪيائين. پاڻ 9 جون 1929ع تي وفات ڪيائين.
1929.06.09 عيسوي
پاڻ 9 جون 1929ع تي وفات ڪيائين.