خليفو غلام نبي لغاري: نامياري صوفي شاعر خليفي غلام نبي لغاري 1255ھہ/1839ع ڌاري احسان علي فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. مشھور شاعر خليفو نبي بخش ’قاسم‘ لغاري سندس ڏاڏو هو. هيءُ اڃا ستن اٺن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ سندس تعليم ۽ تربيت خليفي نبي بخش جي هٿ هيٺ ٿي. ابتدائي تعليم لاءِ کيس رپ (تعلقي بدين) جي مشھور مدرسي ۾ ويهاريو ويو، جتي مولوي لطف عليءَ وٽ سندس ثانوي درجي جي مڪتبي تعليم شروع ٿي. ننڍپڻ جي دور ۾ غلام نبيءَ گهڻو وقت درگاھہ تي پنھنجي مرشد مسند ڌڻي پير پاڳاري سيد حزب ﷲ شاھہ جي خدمت ۾ گذاريو. پير صاحب کان ٽي سال وڏو هو، ٻنهي فارسي ۽ عربي تعليم ورتي هئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ گهڻي ويجهڙائپ هئي. پير صاحب جي مٿس مھر واري نظر رهي ۽ غلام نبيءَ جو ساڻس سچي مريد وارو ناتو هو. خليفي نبي بخش 1280ھہ/ 1863ع ۾ وفات ڪئي، ان وقت غلام نبيءَ جي عمر 25 سال هئي، پر هي جيئن تہ انقلابي فڪر رکندڙ هو، ان ڪري فيصلو ڪيائين تہ جيڪي پاڳاري درگاھہ جا مخالف آهن، تن جو ڀرپور مقابلو ڪبو. پير حزب ﷲ شاھہ صغيريءَ ۾ گادي نشين ٿيو هو. گاديءَ جي مالڪي تان اڳ تڪرار هلندڙ هو. سندس والد پاڳاري علي گوهر شاھہ ’اصغر‘ وڏي دانائيءَ سان گادي سنڀالي هئي، سندس وفات بعد جڏهن صغير صاحبزادو حزب ﷲ شاھہ گادي ڌڻي ٿيو تہ مخالفت ويتر وڌي وئي. خيرپور رياست جي ميرن جي، مبارڪ نالي شڪاري ڪمدار ڏاڍائي ڪئي تہ درگاھہ جي فقيرن کيس ماري وڌو، جنهن تي پير صاحب خلاف مقدمو هليو ۽ فقيرن کي گرفتار ڪري ڪوٽڏيجي قلعي جي قيدخاني ۾ بند ڪيو ويو. انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ خليفي غلام نبيءَ جماعت ۾ ’فرق‘ جو بنياد وڌو ۽ اهو اصول رکيو تہ گادي نشين پاڳاري ۽ سندس ٻين عزيزن ۾ فرق ڪيو وڃي. خليفي غلام نبي ’فرق‘ جو اصول ايئن سمجهايو تہ اسان جو سلام رڳو گادي ڌڻيءَ کي آهي، هن گهڻو اڳ چئي ڇڏيو هو تہ:
’هڪ دل آهي، دلدار نيتي، پنج ست نهين ڪي پير ميڏي‘
خليفي احمد ’رازدار‘ جي بيان مطابق چاليھہ هزار فقير ’فرق‘ طريقي ۾ شامل ٿيا، حمايت ۾ جيڪي وڏا فقير هئا، تن ۾: سيد سليمان شاھہ، وريام فقير خاصخيلي ۽ عبدالله فقير مست مھر فرق طريقي ۾ اڳواڻ ٿيا. پير صاحب حزب ﷲ شاھہ کي فقير پيارا هئا، پر کيس اها ڳالھہ نہ ٿي وڻي تہ ڪنهن فيصلي کان اڳ مخالفن سان وڙهجي، ان ڪري پاڻ حڪم ڪيائين تہ ’فرق‘ ڇڏيو، پر خليفي غلام نبيءَ عرض ڪيو تہ اوهان لاءِ سر قربان آهن. مرشد ناراضگي ڏيکاري، پر فقير غلام نبيءَ ڪاوڙ کي دُعا سمجهي، هڪ مدح چئي.
خليفي غلام نبيءَ جڏهن مخالفن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون تہ انگريزن جي حڪومت هن خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا، جنهن تي خليفي غلام نبيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ چوڏنهن فقير گيڙو ويس پائي روپوش ٿي ويا. رات جو پير سائينءَ جي ديدار لاءِ درگاھہ تي ايندا هئا ۽ جماعتي راڳ ڪندا هئا. عبدالله فقير ڪاتيار، اصغر سائينءَ ۽ خليفي غلام نبيءَ جي ڪافين سان جماعتي راڳ جو بنياد پيو. هنن فقيرن جي پويان خيرپور رياست ۽ انگريزن جاسوس ڇڏيا، انهيءَ ڪري ڪاٺياواڙ طرف نڪري ويا، جتان پوءِ فقير غلام نبي ۽ بھادر فقير عربستان هليا ويا. ڪاٺياواڙ جو عالم سيد عبدالقادر سندس خليفو ٿيو، جيڪو پوءِ سنڌ ۾ درگاھہ تي اچي پاڳاري سائين مسند ڌڻيءَ جو مريد ٿيو. ٻاڙمير ۾ سندس ٺهرايل مسجد اڃا تائين موجود آهي ۽ سيد عبدالقادر جي مزار تي روضو آهي.
خليفو غلام نبي اٺ سال عربستان ۾ رهي سنڌ موٽي آيو، خليفي کي ٽي فرزند ٿيا: خليفو احسان علي، خليفو مراد علي ۽ احمد، جيڪو نوجوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. خليفي غلام نبيءَ ڪافي ڪلام چيو آهي. تازو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس ڪلام کي ترتيب ڏئي ’خليفي غلام نبيءَ جو ڪلام‘ نالي سان ڪتاب منظر عام تي آندو آهي. سندس وفات 1873ع ڌاري سندس ڳوٺ ۾ ٿي. کانئس پوءِ سندس ساٿ جي واڳ وريام فقير کي ملي ۽ اُهي فقير ’ورياماڻي فقير‘ سڏيا ويا ۽ ٻي جماعت ’سالم‘ سڏجڻ لڳي.