خليفو غلام قادر

خليفو غلام قادر: خليفي غلام قادر ولد خليفي عبدالرسول 12 ڊسمبر 1929ع تي جاتي شھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم جاتي شھر ۾، مئٽرڪ نووديالا هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، انٽر آرٽس ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي. اي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين، بعد ۾ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪري سياست ۾ داخل ٿيو، 1945ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ پوءِ ضلعي لوڪل بورڊ ٺٽي جو ميمبر بڻيو. 1962ع ۾ يونين ڪائونسل جاتيءَ جو چيئرمئن منتخب ٿيو، ساڳئي وقت ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. 1945ع ۾ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. هڪ عرصي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. 1962ع کان 1970ع تائين جرڳن تي ميمبر ٿي رهيو. 1972ع ۾ کيس اعزازي جسٽس آف پيس مقرر ڪيو ويو، هن کي سماجي خدمتن جي عيوض انعام ۽ اوارڊ بہ مليا. ڪجهہ وقت وڪالت جي پريڪٽس بہ ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.12.12  عيسوي

خليفي غلام قادر ولد خليفي عبدالرسول 12 ڊسمبر 1929ع تي جاتي شهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حشمتراءِ ڇٻلاڻي
اربندو گهوش
خانبهادر سيد محمد ڪامل شاھہ
آچر گاڏي
دلير رند سخي
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
عرب ڪوڪو
ڦل ماڇي
ٽيڊئيس رڪشٽائن
بحر وڇاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون