
خط خوشيءَ مان کول
خط خوشيءَ مان کول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشھور شاعر راشد مورائيءَ ڏانهن 507 شخصيتن جي لکيل خطن جو مجموعو آهي. راشد مورائيءَ جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا خط شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي خطن جي تاريخ جو هي واحد ڪتاب آهي، جنهن ۾ مڪتوب اليھ جو پنهنجو ڪو بہ خط شامل نہ آهي. هن ڪتاب جي وڏي خصوصيت اها آهي جو اڳي جيڪي بہ خطن جا ڪتاب ڇپيا آهن، اهي ڪنهن خاص حلقي يا مخصوص ماڻهن جا خط آهن، پر هن ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد جهڙي شخصيت کان وٺي عام دوستن ۽ غير معروف اديبن جا بہ خط شامل آهن. سنڌ جي ادبي تاريخ جو هيءُ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ 507 ماڻهن جو هڪ هڪ خط شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ سنڌ جي سموري ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ جي عڪاسي نظر اچي ٿي. ڪتاب جو انتساب مرتب پنھنجي من پسند شخصيت سائين جي. ايم. سيد جي نالي ڪندي لکيو آهي تہ: ”جنهن پنهنجن دوستن جا خط ڇپائي، مون کي اتساھہ بخشيو تہ مان بہ پنهنجن محسنن جا خط ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرا ڪريان. ڪتاب جو پبلشر المھراڻ فائونڊيشن، سانگهڙ جو عاجز منگي آهي، جڏهن تہ ڪتاب جو مهاڳ قومي دانشور عبدالواحد آريسر لکيو آهي. ڪتاب جو نالو شاھہ لطيف جي هيٺئين بيت مان کنيو ويو آهي: آءُ ڪانگا، ٻھہ ٻول، سُڌيون ڏي ساڻيھہ جون، جي آندءِ عجيبن جا، سي خط خوشيءَ مان کول، آءٌ سڻان، تون ٻول، سنيهو سڄڻن جو. ڊيمي سائيز جي 496 صفحن تي مشتمل خوبصورت ٽائيٽل وارو هي ڪتاب 2011ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 500 رپيا ڄاڻايل آهي.