خطيب شاھہ صدرالدين جي قبر: شاھہ صدرالدين خطيب جي قبر، سکر ضلعي ۾ بکر جي قلعي اندر اڀرندي طرف آهي. هن ڪامل ولي ﷲ جي تربت، عقيدتمندن لاءِ مشھور زيارتگاھہ آهي. هي بزرگ ’خطيب‘ جي لقب سان مشھور ٿيو. مزار جي ٻاهران هڪ گدامڙيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ عام روايت آهي تہ قلندر لعل شهبازرح، ملتان کان سيوهڻ ويندي، قيام وقت هن وڻ جو ڏندڻ پوکيو هو، جنهن مان هي وڻ پيدا ٿيو آهي.