خستہ نور محمد

’خستہ‘ نور محمد: ڪلهوڙا دور ۾، نور محمد ’خستہ‘ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون غزل گو شاعر ٿي گذريو آهي. ٻارهين هجري صديءَ ۾ ڳوٺ وسَين (موجودہ ٽکڙ) تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ رهندو هو، ان کان سواءِ هن جي حيدرآباد ۾ عارضي رهائش پڻ هئي، جتي سندس اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي درسگاھہ مان تعليم حاصل ڪئي هئائين. غزل جو پختو شاعر هو. سندس زندگيءَ جو وڌيڪ احوال نہ ٿو ملي. سندس غزل جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
تا بر افگندي از رخ تو نقاب،
حشر ٿيو، آفتاب لايو تاب،
--
آن منم ڪز تصادمِ هجران،
روز شب ٿو رهان بي خورد خواب،
--
ڪشتيء عمرِ من بہ بحرِ غمت،
لھر لوڏن هڻي ڪئي غرقاب،
--
تابشِ حسنِ بيمثالِ سند،
برھہ ڏيئي وري ڪيو بيتاب،
--
’خستہ‘ وَ خوار منجهہ وَسينءَ مون جيئن،
نيست ديگر ڪسي ز شيخ وَ شاب.


هن صفحي کي شيئر ڪريو