خرار کراڙ

خرار/ کراڙ: اناج جو هڪ ماپو، جيڪو سٺ ڪاسن جي ماڻ جو ٿيندو آهي. سنڌ ۾ پراڻي وقت ۾ (۽ هن وقت بہ ڪن لائقن ۾) ماپ تور جي نظام ۾ خرار جو ماپو رائج هو. ثقافتي حوالي سان سنڌي ۽ سماجي ٻوليءَ ۾ ’خـرار‘ لـفـظ ’اصـلاحـي طـور‘ بہ اسـتـعـمـال ٿـيـنـدو رهـيـو آهـي. ڊاڪـٽـر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايو آهي تہ خرار جوئر جو 22 مڻو، ٻاجهريءَ ۽ ڪڻڪ جو 20 مڻو ٿيندو آهي. ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ -9‘ ۾ لکيو آهي تہ سکر ضلعي جي اوڀر واري ڀاڱي يعني اٻاڙي تعلقي ۾ ڀرپ جا ماڻ هن ريت آهن:
اُٻاوڙي تعلقي ۾ ڀرپ جا ماڻ:
چار ٽويا = هڪ پڻڪي
چار پڻڪيون = هڪ ٽوپو
چار ٽوپا = هڪ پائي
چار پايون = هڪ چوٺ
پنڌرنهن چوٺون = هڪ خرار
تور جي حساب سان، ٽويو = هڪ پائي، ٽوپو =چار سير، پائي = سورهن سير، چوٺ = چوهٺ سير چوندا آهن. ان تان اصطلاح ۽ چوڻي جڙي آهي: ”جھڙا سورهن ٽوپا، تهڙي هڪ چوٺ“.
روهڙي ڊويزن جي باقي چئن تعلقن جا ’ماڻ‘ هن طرح رهيا آهن:
چار ٽويا = هڪ پڻڪي
چار پڻڪيون = هڪ دري
چار دريون = پائي
چار پايون = هڪ ٽويو
ڏھہ ٽويا = هڪ خرار
انهن مان ٽويو، پڻڪي ۽ دري، ٽيئي ڪاٺ جا ماڻ هئا ٽويو = ڏيڍ پائي (يا اڃا بہ وڌيڪ) طور ڪم ايندو هو.
خيرپور، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد جا ماڻ هيٺينءَ طرح هئا:
چار چوٿايون = هڪ پڻڪي
چار پڻڪيون = هڪ دري
چار دريون = هڪ ڪاسو
چار ڪاسا = هڪ ٽوڪو
ڏھہ ٽوڪا = هڪ خرار
لاڙ ۾ شهدادپوري ماڻ هيٺين جدول موجب هو:
چار چوٿايون = هڪ پاٽي
چار پاٽيون = هڪ ٽويو
چار ٽويا = هڪ ڪاسو
چوويھہ ڪاسا = هڪ خرار
انهن مان چوٿائي، پاٽي ۽ ٽويو ٽيئي ڪاٺ مان ٺهيل ماڻ هئا. چوٿائي برابر هڪ پاءُ جي، پاٽي برار چئن سيرن جي ۽ ٽويو برابر 16 سيرن جي هوندو هو.
ڪڇ جا ڀرپ ۽ وٿي ويڪر جا ماڻ هن طرح هئا:
سنڌ جي ڀيٽ ۾ ڪڇ جا سير ۽ مڻ ننڍا هئا، تور ۾ چوٿائي، اتان جي پاءَ جي برابر هئي ۽ ساڍا 22 رپيا (اڳ جا ٽڪا) هڪ سير جي برابر هئا.
مثال طور ڀرپ ماڻ هن ريت هو:
چار چوٿايون = هڪ پاٽي
چار پاٽيون = هڪ اڌ ماڻو
اٺ پاٽيون = هڪ ماڻ
چار ماڻ = هڪ سَئِي
ٻہ سَئيون = هڪ چوٿو
اٺ چوٿايون = هڪ ڪَرسِي
جيئن خَرار سنڌ ۾ وڏو ماڻ هو، تيئن ڪڇ ۾ ڪَرسِي وڏو ماڻ هئي.
اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ خرار جو ماپو قائم رهيو، پر 1965ع ۾ لاڳو ٿيل نئين ڏهاڪي واري نظام کان پوءِ هي ماڻ استعمال بلڪل ڪو نہ ٿو ٿئي. ٻھراڙيءَ جي ڪن هنڌن تي هاري اڃا بہ پنھنجي فصل/ اناج جي ڪٿ خرارن سان ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو