
خان محمد پنهور (ڪتاب)
خان محمد پنهور (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناصر پنهور ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ خان محمد پنهور جي دوستن ۽ ساٿين جا سندس ڪم ۽ زندگيءَ تي جامع مضمون موجود آهن، جن ۾: علي احمد بروهي، غلام علي الانا، حميد سنڌي، قلندر شاھہ لڪياري، حسين شاھہ راشدي، شيخ عزيز، هدايت بلوچ، انعام شيخ، ناز سنائي، ڊاڪٽر الھرکيو ٻٽ، تاج جويو، طارق عالم ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ خان محمد پنهور جي جدوجهد، خلوص، فلسفي، سماجي جاڳرتا ۽ ڪردار کي چٽيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ خان محمد پنهور جون مختلف اديبن سان گڏ نڪتل تصويرون بہ ڏنل آهن. 143 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي. هي ڪتاب مئي 2004ع ۾ ناز پبلشر، رابعہ اسڪوائر، گاڏي کاتي حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو.