
خانڳڙهه قلعو
خانڳڙھہ قلعو: خانڳڙھہ جو قلعو بھاول پور جي نواب بھاول خان 2، 1783ع ۾ ٺهرايو هو. هي قلعو بھاولپور رياست جي حدن اندر چولستان ۾ آهي ۽ چورس قلعو آهي. جڏهن تہ ان جي هر ڪنڊ تي اڌ گول تي برج ٺهيل آهن. قلعي کي اوڀر ۾ لنگهہ آهي. قلعي جو هر پاسو 128 فوٽن جو آهي. قلعو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي، پر اڳيان پڪين سرن جو هڪ بار ڏنل آهي. قلعو هاڻي ڊهي چڪو آهي. رڳو برجين جا نشان وڃي بيٺا آهن. ڀتيون 10 فوٽ ويڪريون آهن. پڪين سرن جي ماپ 8.5x6x1.5 سينٽي ميٽر آهي. قلعي جي اوڀر ڏکڻ واريءَ ڪنڊ تي 80 فوٽن جي مفاصلي تي هڪ منارو ٺهيل آهي، جڏهن تہ ساڳئي طرف هڪ بٺي جا نشان قلعي جي حدن اندر نظر اچن ٿا.