خانصاحب غلام علي جعفري: انگريز دور جو شاعر ۽ علمي ادبي شخصيت خانصاحب غلام علي ولد محمد آچر جعفري، 1852ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. انگريزي، فارسي ۽ اردو زبانن تي عبور ۽ مهارت رکندو هو. ڪجهہ عرصي لاءِ مختيارڪار بہ رهيو. نهايت خليق انسان هو. غلام علي جعفريءَ جي خدمتن ۽ علمي قابليت کي ڏسي انگريز سرڪار کيس ’خانصاحب‘ جو خطاب ڏنو. آخري عمر ۾ روحانيت طرف وڌيڪ راغب ٿيو ۽ پنھنجي عشقيہ شاعريءَ جو ديوان درياھہ ڇڏيائين، جڏهن کانئس ان بابت پُڇيو ويو تہ وراڻيائين، ”جڏهن ﷲ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهہ فنا آهي تہ ڀلي هي ديوان بہ فنا ٿي وڃي.“ خانصاحب غلام علي جعفريءَ 1371ھہ/ 1951ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ وفات ڪئي.