خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاھہ

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاھہ: سيد محمد ڪامل ولد قبول محمد شاھہ 1874ع ڌاري جنم ورتو. سندس ڏاڏي سيد محمد سعيد شاھہ هنڱورجن جي ڳوٺ ويجهو مٽياري مان لڏي ٽنڊي محمد خان شھر کان پنج ميل پري پنهنجو ڳوٺ ’سعيدپور‘ ٻڌي ويٺو. سيد محمد ڪامل شاھہ شروعاتي تعليم مڪاني طرح حاصل ڪئي. پارسي مولوي محمد ابراهيم قريشي وٽ پڙهيو. سندس پيءُ جي وفات کانپوءِ سمورو ڪاروبار پاڻ سنڀاليائين. هن پنھنجي لياقت ۽ لڳ لاڳاپي جي ڪري علائقي ۾ وڏو اثر پيدا ڪيو، جنهن جي بطور کيس ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو ۽ گهڻي عرصي تائين عام ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. جڏهن نون سڌارن موجب 1921ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ليجسليٽو ڪائونسل تي وڌيڪ عيوضي مليا، تڏهن انهيءَ سال کان سيد ڪامل شاھہ زميندارن ۽ جاگيردارن جي تڪ مان ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1936ع تائين ميمبر رهيو. بمبئي ڪائونسل تي سنڌ طرفان چونڊيل ميمبرن ۾ هن جي وڏي عزت هئي. سيد محمد ڪامل شاھہ ٽنڊي محمد خان سب ڊويزن جي زميندارن ۽ آبادگارن جي جماعت جو ڪيترائي سال صدر رهيو. 1934ع ۾ خدمتن عيوض کيس ’خانبهادر‘ جو لقب مليو. سر غلام حسين ۽ نور محمد وڪيل سندس ئي مدد سان چونڊيا. هن ٻہ شاديون ڪيون. پاڻ 29 اپريل 1937ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.29  عيسوي

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه 29 اپريل 1937ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مدد علي شاھہ ڊاڪٽر
بدر سميجو
چارلي چپلن (Charlie Chiplin)
ڀڳت آتم
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
ثمينه پيرزادہ
جينت ريلواڻي
پنڊت ڀڄن سوپاري
ستار حسين خان
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون