خان

خان: ترڪي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، ’خاقان‘ مان نڪتل آهي. ايئن بہ چئي سگهجي ٿو تہ خان اصل ۾ ’خاقان‘ جو مخفف آهي. ’خان‘ موجودہ دور ۾ بلوچن ۽ پٺاڻن ۾اسم خاص جي پڇاڙيءَ ۾ عزت آبرو ۽ چڱ مڙسي واري معنيٰ ۾ لقب طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. خاص ڪري سردار، مالدار، اڳواڻ ۽ وڏي ماڻهو کي ’خان‘ جو لقب يا خطاب ڏنو ويندو آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’آقا‘. وچ ايشيا ۾ ترڪ عوام جي حڪمرانن بہ لفظ خان کي بطور خطاب استعمال ڪيو. 1206ع ۾ چنگيز خان پڻ منگولن جي عظيم خان جو لقب اپنايو ۽ يورپ کان وٺي چين تائين هر ملڪ ۾ ان جا جانشين بہ پاڻ کي خان چورائڻ لڳا، هندوستان ۽ پاڪستان ۾ مقامي سردار ۽ وڏي مرتبي وارا بہ خان سڏائجن ٿا.


لفظ خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو