خالد ڀٽي

خالد ڀٽي

خالد ڀٽي

خالد ڀٽي: نوجوان ليکڪ ۽ چترڪار خالد سيف ﷲ ولد مولوي محمد مراد، پهرين سيپٽمبر 1968ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هن ايم. اي اسلامڪ ڪلچر) ڪئي آهي. ٻارن جي ادبي رسالي ’سنگتيءَ‘ جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن بھترين نثر نويس سان گڏ، سٺي چترڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو آهي. سندس ڪتابن مان: (1) ’حديث پاڪ ۽ ٻارڙا‘، (2) ’مٺڙو محمد‘، (3) ’نماز صوفين جون صدائون‘، (4) ’سچا ٻول‘، (5) ’شيطان جون ڪهاڻيون‘، (5) ’شيطان جون شرارتون‘، (6) ’گلڙن جون ڳالهيون‘، (7) ’واندڪائي جي وندر‘، (8) ’عورت جي نفسيات‘، (9) ’روشني روشني‘، (10) ’ڇا، ڇو ۽ ڪيئن‘ (ٻہ ڀاڱا)، (11) ’نصيحت ڀريون ڪهاڻيون‘ (ٽي حصا) شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت استاد طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ خالد ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.09.01  عيسوي

نوجوان ليکڪ ۽ چترڪار خالد سيف الله ولد مولوي محمد مراد، پهرين سيپٽمبر 1968ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اين ايم عقيلي
پيرل فقير خوشدل ستاري
جوکيوعبدالمجيد بکري
فياض چنڊ ڪليري
ظل رحمان
ابن الاثير
جوزف سلاڊن
جيسينه جئہ سينه
در محمد سومرو
علي مير شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون