خالد ٽالپر

خالد ٽالپر: اديب ۽ استاد، خالد ٽالپر جو اصل نالو مولوي محمد صديق ٽالپر هو ۽ ’خالد‘ سندس تخلص هو . هيءُ ’خالد ٽالپر‘ جي نالي سان ئي مشھور هو. سندس جنم 28 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن: جن ۾ ’بيدادي ننگري‘ بہ شامل آهي. اها هڪ مشھور اٽالين تصنيف آهي، جيڪا انقلاب فرانس کان ڪجهہ وقت اڳ لکي وئي هئي ۽ ايترو تہ مقبول ٿي جو تمام جلد ڪيترين يورپي زبانن ۾ ترجمو ٿي. ان جو عربيءَ ۾ ترجمو شيخ عبدالرحمان ڪواڪبيءَ ’استبداد‘ نالي سان ڪيو هو. ان جو ترجمو خالد ٽالپر سھڻي سليس سنڌيءَ ۾ ڪيو، جنهن جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’اسلام عليڪم‘ (مـذهـبيـات)، (2) ’آسـان قــرآني قــاعدو‘، (3) ’شمع اميد‘ (مذهبيات)،(4) ’الفوز الڪبير‘ (شاه ولي : ترجمو).


لفظ خالد ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.12.28  عيسوي

اديب ۽ استاد، خالد ٽالپر جو اصل نالو مولوي محمد صديق ٽالپر هو ۽ ’خالد‘ سندس تخلص هو . هيءُ ’خالد ٽالپر‘ جي نالي سان ئي مشهور هو. سندس جنم 28 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
رزاق سروهي
شيوارام ڦيرواڻي
عبداللطيف مھر
ريٽا شھاڻي
مرتضيٰ سيال
گرڌاري لال ڏوڏيجا
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
ساقي سجاولي
عبدالرئوف عروج
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون