ڊاڪٽرخالد محمود سومرو

ڊاڪٽرخالد محمود سومرو

خالد محمود سومرو ڊاڪٽر

خالد محمود سومرو، ڊاڪٽر: سنڌ جو مشھور سياستدان،ڊاڪـٽـر خـالـد محمـود سـومـرو، مولانا علي محمد حقانيءَ جو فرزند آهي. هن 7 مئي 1959ع تي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ 1974ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊريهاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين.هن 1976ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪئي. ايم. بي. بي. ايــس 1984ع ۾ چــانــڊڪــا مـيـڊيـڪـل ڪـالـيـج لاڙڪـاڻـي مان ڪيائين. 1986ع ۾ بـيـن الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد مان تربيت عامه جو ڪورس ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ الازهر يونيورسٽي قاهره (مصر)مان پڻ اسلامڪ ڪلچر ۾ايم. اي، ڪيائين. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عالم، ليکڪ، ڪالم نگار، خطيب، مقرر ۽ سياستدان آهي. هن ديني، اصلاحي ۽ انقلابي موضوعن تي شاعري بہ ڪئي آهي. ان کان سواءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. خالد محمود سومرو سٺو مبلغ ۽ پرجوش مقرر آهي، سندس ديني، مذهبي ۽ سياسي جلسن کان سواءِ مدرسي ۾ جمعي ڏينهن تي ڪيل تقريرن جون 300 کان وڌيڪ ڪيسيٽون رليز ٿيل آهن. خالد محمود سومري جو سياسي طور تعلق جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا فضل الرحمان گروپ سان آهي، جنهن جو هو 1988ع کان وٺي سنڌ صوبي جو سيڪريٽري آهي ۽ 1990ع کان هن جماعت جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن بہ رهندو اچي. هي جامعہ اسلاميہ اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي جو ناظم اعليٰ، جامع مسجد صديق اڪبررضي الله عنه لاڙڪاڻي جو 1988ع کان خطيب ۽ جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ عيد نماز جي اجتماع جو پيش امام آهي.خالد محمود سومرو محترمہ بينظير ڀٽو (شھيد) جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊ پڻ وڙهيو، پر ناڪام ٿيو. خالد محمود سومري کي سندس علمي ۽ مذهبي خدمتن عيوض 1988ع ۾ مفتي محمود اوارڊ ۽ 1990ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي اوارڊ ملي چڪا آهن. اسلامي پرچار جي سلسلي ۾ هي مصر، برطانيا، سعودي عرب، متحدہ عرب امارات، دوحه ۽ قطر جا پرڏيهي دورا بہ ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر خالد محمود 1983ع ۾ شادي ڪئي، کيس ڇھہ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جميعت علماءِ اسلام پاران پاڪستان جي سينيٽ جو ميمبر هو. لاڙڪاڻي ۾ دودائي روڊ تي واقع جامع مسجد ۽ حقاني مدرسي جو سرپرست اعليٰ رهيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومروکي 29 نومبر 2014 تي شھيد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.05.07  عيسوي

سنڌ جو مشهور سياستدان،ڊاڪـٽـر خـالـد محمـود سـومـرو، مولانا علي محمد حقانيءَ جو فرزند آهي. هن 7 مئي 1959ع تي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2014.11.29  عيسوي

ڊاڪٽر خالد محمود سومروکي 29 نومبر 2014 تي شهيد ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پدمڻي ڪپيلا
خميني آيت ﷲ
آسن داس
دينا واڊيا
چنا هارون
جاحظ1
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
پوپ گريگوري
رضوي سيد قطب شاھہ
مائي ڄامان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون