خالد سنڌي

خالد سنڌي

خالد سنڌي

خالد سنڌي: ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو، هن جو جنم 2 جون 1912ع تي ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. خالد سنڌيءَ، پرائمري تعليم ماڻڪ ڀٽي پرائمري اسڪول ڦليلي پار، حيدرآباد مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ڪئي. هن بي. اي (آرٽس) ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) بہ ڪئي.
خالد سنڌي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ B-2 آفيسر ۽ آل پاڪستان بئنڪس آفيسرز ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
خالد سنڌي پنھنجي ذاتي پريس قائم ڪري، سنگت پبليڪيشن، چارڻ ۽ بادل پبليڪيشن قائم ڪئي، جن پاران ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايائين. ’چارڻ‘ رسالو ڪيتري عرصي تائين هلايائين. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ ادبي پليٽ فارم تان جدوجھد جو آغاز ڪندي 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪجهہ اديبن جا ڪتاب ڇپرايائين. هن شاگرديءَ واري زماني ۾ شاگرد هلچل ۽ سياسي سجاڳيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1970ع ڌاري ريڊيو ۽ ٽي. وي لاءِ ڊراما لکيائين ۽ اداڪاري بہ ڪيائين، سندس سنڌي ڊرامي ’مري ٿيا نہ مات‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. 1969ع ۾ ونيونٽ خلاف بک هڙتال تي ويهندڙن ۾ خالد سنڌي بہ شامل هو، جن 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال ڪئي هئي.
خالد سنڌي 74-1973ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1973ع ۾ سرڪاري خرچ تي ماسڪو ۽ مشرقي جرمنيءَ بہ ويو. خالد سنڌي سنڌي پورهيت تنظيم جو چيئرمئن پڻ رهيو. سماجي خدمتگار جي حيثيت ۾ هن قاسم آباد (حيدرآباد) جي نوجوانن ۾ وڏي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ سان گڏ مسجد ذوالجلال جي تعمير ڪرائڻ ۾ بہ سندس اهم ڪردار رهيو. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ مٿس سياسي مخالفن قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ کيس 11 چاڪو لڳا هئا. 1997ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ جلد ئي سنڌ نيشنل فرنٽ جو مرڪزي اڳواڻ چونڊيو ۽ آخر تائين ان پارٽيءَ سان ئي وابستہ رهيو.
خالد سنڌي باشعور ۽ وچولي ڪلاس جي سياسي تنظيم ڪاريءَ ذريعي سنڌ جي نجات جو حامي هو ۽ ان ۾ سندس اوليت اقتصاديات کي هئي، جيئن تہ هو هڪ بينڪر هو ۽ ناڻي جي اهميت ۽ ان جي آمدنيءَ جي ذريعن کي ڀليءَ ڀت سمجهندو هو، ان ڪري هميشہ چوندو هو تہ ’هر هڪ سنڌيءَ کي سنڌ جي اقتصادي وسيلن جي مڪمل معلومات هئڻ گهرجي ۽ انهن مالي وسيلن لاءِ جدوجھد ڪرڻ گهرجي‘. هن مختلف وقتن تي ٽي رسالا ’چارڻ‘، ’سنگت‘ ۽ ’ٻيجلجاري ڪيا، جيڪي گهڻو وقت هلي نہ سگهيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب ’هر دل اندر ڪربلا‘ ۽ ’هوندا سي حيات‘ ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ’زندگي درد جو صحرا‘ (ڊائري)، ’ڪينجهر تنھنجي ڪنڌيءَ تي‘ (خط) اڻ ڇپيل مسودن جي صورت ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهن.
خالد سنڌي 23 سيپٽمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھہ گلستان سجاد، حيدرآباد جي مقام ۾ آهي.


لفظ خالد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.06.02  عيسوي

ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو، هن جو جنم 2 جون 1912ع تي ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.


1999.09.23  عيسوي

خالد سنڌي 23 سيپٽمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه گلستان سجاد، حيدرآباد جي مقام ۾ آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو عبدالقادر
شيرازي محمد رضا پروفيسر
چاولا ارجن
شاھہ بليغ الدين
ولي رام ولڀ
شيوارام ڦيرواڻي
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
انيس گل عباسي
ڪاشف حسين سومرو
ڌاريجو علي مرتضيٰ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون