خالد بن يزيد

خالد بن يزيد: بن يزيد'>خالد بن يزيد، اُميه شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ هڪ اهم شخص ٿي گذريو آهي، جنهن جو جنم 85ھہ مطابق 704ع ۾ ٿيو. هن اُميه خاندان جي شاهي محل ۾ پرورش حاصل ڪئي، جتي سندس سٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو ويو. بن يزيد'>خالد بن يزيد پنھنجي طبيعت ۾ بيحد سادگي پسند هو، جنهنڪري، هو تخت ۽ تاج کان محروم رهيو، پر هو عملي دنيا ۾ پنهنجن ڪمن جي ڪري ڏاڍو مشھور ٿيو. بن يزيد'>خالد بن يزيد کي علم ڪيميا سان خاص دلچپسي هئي. ان کان سواءِ کيس ستارن جي علم (نجوم) سان بہ وڏو لڳاءُ هو. بن يزيد'>خالد بن يزيد اسلامي دنيا جو پهريون سائنسدان هو. هن پنھنجي وقت ۾ ڪيترن ئي سائنسي ڪتابن جا ترجما ڪرايا.
خالد بن يزيد علم هئيت (ستارن جي علم) ۾ آسماني گولو ٺهرايو، جيڪو گولو ڌاتن جو ٺهيل هو. هن سون ٺاهڻ جي بہ وڏي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ناڪام رهيو. بن يزيد'>خالد بن يزيد کي طب جي علم سان پڻ خاصي دلچپسي رهي هئي. هيءُ پنھنجي وقت ۾ مصر ۽ اسڪندريہ مان وڏا ماهر ۽ عالم گهرائي، ساڻن علمي مسئلن تي بحث ڪندو هو. ان طريقي هو پنهنجيءَ علمي قابليت ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪندو هو. بن يزيد'>خالد بن يزيد ماهر حڪيمن کان ڪيترن ڪتابن جا ترجما ڪرايا، جيڪي ترجما علمي دنيا ۾ پهريون ڀيرو متعارف ٿيا. ائين چوڻ اجايو نہ ٿيندو تہ بن يزيد'>خالد بن يزيد علم ڪيميا سان فطري شوق رکڻ وارو پهريون اسلامي دانشور هو. هن کي سائنس جي علم ۽ ڪتابن ۾ خاص مقام حاصل رهيو آهي.



لفظ خالد بن يزيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو