’خالدي‘ علي محمد

’خالدي‘ علي محمد

خالدي علي محمد

’خالدي‘ علي محمد: علي محمد ’خالدي‘ ولد نهال خان لاشاري10 جون 1925ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ٺٽي مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچي، بي. اي 1949ع ۾ ۽ ايل. ايل. بي 1951ع ۾ پاس ڪيائين. 1952ع ۾ پهرين ٺٽي ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1964ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين. شاعريءَ ۾ رهنمائي مرحوم غلام احمد نظاميءَ کان ورتائين. هيءُ سنڌ جو اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. خالدي علي محمد بنيادي طرح نظم جو شاعر هو. سندس تصنيفن ۾ ’نسيم سحر‘، (شاعري)، ’مڪليءَ جا پراسرار داستان‘ ۽ ’خاموش گواھہ‘ قابل ذڪر آهن. سندس ’ڪليات خالدي‘ قلمي صورت ۾ آهي. خالدي علي محمد جميعت الشعراءُ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. هن 30 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: بدلجن پيون تقديرون، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون، ٿين ٿيون نقش تحريرون، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.


لفظ خالدي علي محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.06.10  عيسوي

علي محمد ’خالدي‘ ولد نهال خان لاشاري10 جون 1925ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو.


1972.08.30  عيسوي

علي محمد ’خالدي‘ 30 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد بخش احمد مورائي
حميره نور
طالب لغاري
آتش سنڌي
پروانو ميراجي
ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
اياز رضوي
ڪرشن راهي
سيد نادر علي شاھہ فراق
بشير بيوس اوٺو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون