خاصائيءَ واري جنگ

خاصائيءَ واري جنگ: ضلعي ڄامشوري ۾ تاريخي ڳوٺ خاصائي وٽ سنڌ جي ڪونڌرن ارغونن سان مزاحمت ڪندي ڀرپور ويڙھہ ڪئي ھئي. ارغونن پاران سنڌ تي قبضو ڄمائي پنھنجو اقتدار قائم ڪرڻ کان پوءِ زوري محصول اوڳاڙڻ واري روش جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهو هن جڳھہ تي ارغونن سان منھن مقابل ٿيا ھئا. اھڙيءَ ريت خاصائي ڳوٺ کي سنڌ جي محب وطنن پاران غلامي قبول ڪرڻ بجاءِ وطن جي حفاظت لاءِ سر ڏيڻ عيوض تاريخي حيثيت حاصل آهي. هن جنگ ۾ سنڌي فوج جي سوين بھادرن شجاعت سان وڙھندي ارغونن کي شڪست ڏئي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. پر هڪ مرحلي تي غداري ٿيڻ سبب ھيءَ جنگ سوين ڪونڌرن جي ڪسجڻ جي باوجود شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. تعلقي ڪوٽڙي ۾ ريلوي اسٽيشن جي سامهون انڊس هاءِ وي تي هي ڳوٺ موجود آهي. انهي جاءِ تي دولھہ خان جي اوطاق'>دريا خان جي اوطاق هئي جيڪا ڊهي وئي آهي. موجودہ ڳوٺ نئون ٻڌل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو