
خادم کوکر
خادم کوکر: سنڌ جو مشھور مزاحيہ اداڪار خادم حسين ولد حاجي علي اڪـبـر کـوکـر، 19 اپـريـل 1981ع تي ڳـوٺ دڙي خـيـر مـحـمـد کـوکـر، لـڳ ڦلجي اسٽيشن، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.خادم کوکر پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ هن مئٽرڪ گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان حاصل ڪئي.خادم کوکر فن جي دنيا ۾ 1996ع ۾ قدم رکيو. ابتدا ۾ دادو ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو.
خادم کوکر جو پهريون اسٽيج ڊرامو ’شھيد‘ آهي، جيڪو دادوءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو. هن 2005ع ۾ ڪي. ٽي. اين جي مزاحيہ پروگرام ’ماما لالو‘ ۾ مزاحيہ اداڪاري ڪري مشهوري ماڻي، ان کان پوءِ ’مکڻ موجن ۾‘ ڊرامي ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين، پر خادم کوکر کي مقبوليت ڪي. ٽي. اين جي ڊرامي ’پٿر دنيا‘ ۾ بچائي جي ڪردار جي ڪري ملي. هن کي خاص ڪري ’اسان آهيون خوني ماڻهو‘، ’ڪتر ڪتر نہ ڪري ڇڏيان‘ وارن ڊائلاگن ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول ڪيو. خادم کوکر جي اداڪاريءَ جو انداز منفرد آهي. هن ’آواز‘ ٽي. وي جي ڊرامي ’لوئي ۽ لڄ‘ ۽ سنڌ ٽي. وي جي ڊرامي ’ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.خادم کوکر ڪافي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو آهي. جن ۾: ’لالو باگڙياڻي ڀڄائي ويو‘، ’نصيب‘، ’ککر دنيا‘، ’اڇو بادشاھہ‘، ’درياھہ يار‘، ’ندورو ڏچي ۾‘ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. خادم کوکر هن وقت دادو شھر ۾ رهائش پذير آهي.
1981.04.19 عيسوي
سنڌ جو مشهور مزاحيه اداڪار خادم حسين ولد حاجي علي اڪـبـر کـوکـر، 19 اپـريـل 1981ع تي ڳـوٺ دڙي خـيـر مـحـمـد کـوکـر، لـڳ ڦلجي اسٽيشن، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.