خادم هرومل سدارنگاڻي

خادم هرومل سدارنگاڻي

خادم هرومل سدارنگاڻي

’خادم‘ هرومل سدارنگاڻي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘، 22 آڪٽوبر 1913ع تي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾، ايسرداس سدارنگاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم شھدادپور ۾ ورتي، جنهن کانپوءِ سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ اسماعيل ڪاليج، انڌيري (بمبئيءَ) ۾ پڙهيو. هرو مل سدارنگاڻي، ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ئي هو تہ ’سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ‘ جي ادبي رسالي ’مهراڻ‘ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. هي رسالو جنوري 1946ع کان پهريان ٻہ ماهي ۽ پوءِ ٽه ماهي نڪرڻ لڳو ۽ 1955ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نئين تشڪيل کان پوءِ بہ ساڳئي نالي سان اڄ تائين نڪرندو رهي ٿو.
ورهاڱي کانپوءِ هرو مل سدارنگاڻي ڀارت هليو ويو، جتي دهلي يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي سان وابستہ ٿي ويو. اڳتي هلي تھران يـونيـورسٽيءَ ۾ وڌيڪ تـعـليم ورتـائيـن، جتي هن ’پارسي گويان سنڌ‘ (Persian Poets of Sindh) جي عنوان سان هڪ تحقيقي مـقالـو لکيو ۽ پي. ايڇ. ڊي حاصل ڪئي. ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘، آل انڊيا ريڊيو تي ڪيترا ادبي پروگرام ڪيا. هو سنڌي ٻوليءَ جو ڪهنه مشق شاعر هو. سندس شاعريءَ جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن: (1) رنگين رباعيون (1959ع)، (2) روح ڏنـو ريـلــو (1964ع)، (3) پرھہ جي باک (1972ع)، (4) خـوشـبوءَ جـو سفر، (5) چيخ (1977ع). ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ڪيترا تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون بہ لکيا، جن جو هڪ مجموعو ’ڪک ۽ ڪانا‘ عنوان سان 1966ع ۾ ڇپيو. هن ’بابرنامو‘ (1964ع)، ’گرو گوبند سنگهہ‘ (1967ع)، ’ولٿول‘ ۽ ’امراءُ جانِ ادا‘ ڪتاب سـنـڌيءَ ۾ تـرجـمـو ڪيا. سندس ٻہ ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا: (1) ڊاڪٽوريٽ لاءِ لکيل مقالو Persian Poets of Sindh’‘ (جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع ڇپائي پڌرو ڪيو آهي) ۽ (2) ’ڪنول پاڙون پاتار ۾‘ (1984ع). سندس آخري ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي شاعريءَ تي عربي (قرآن، حديث، نهج البلاغه)، فارسي، پنجابي ۽ هندي شاعريءَ جي اثرن تي روشني وڌل آهي. هرو مل سدارنگاڻي ‘Indian Poetry Today’ جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو. هو بمبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، دهلي ۽ پنجاب يونيورسٽين جي تعليمي ڪاميٽين جو ميمبر، مرڪزي ساهتيہ اڪيڊميءَ جو ميمبر (1957ع کان 1977ع تائين) بہ رهي چڪو آهي. سندس ڪجهہ ڪتاب دهلي، ممبئي، پنجاب ۽ گجرات يونيورسٽين ۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا. هو ڀارت سرڪار جي بورڊ آف ايگزيمنرس آف فارين لئنگئيجز جو ميمبر رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي عالم، 6 ڊسمبر 1992ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.10.22  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘، 22 آڪٽوبر 1913ع تي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ ۾، ايسرداس سدارنگاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1992.12.06  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي عالم، 6 ڊسمبر 1992ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بن دلدار علي علامہ
سيد محمد شاھہ
محمد شاھہ امروٽي
حامد دودائي
محمد عظيم شيدا مولوي
سيد عبدالرحيم شاھہ سجاولي
سيد علي ثاني
شيخ عبدالمجيد الامجد
ابوالحسن صغي
محمد عثمان ڀنڀرو
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون