
ڊاڪٽرخادم منگي
خادم منگي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر خادم علي ولد حاجي خالق ڏنو منگي، 15 اپريل 1969ع تي ڳوٺ دودي ڏيٿي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هُن ايم بي بي ايس جو امتحان 1992ع ۾ چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. 1996ع ۾ گورنمينٽ اسپتال مدئجيءَ ۾ ڪئيوئلٽي ميڊيڪل آفيسر (سي ايم او) مقرر ٿيو. 2007ع ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ ڊمانسٽريٽر/ليڪچرر جي عھدي تي مقرر ٿيو. هُن شاعريءَ جي شروعات 1987ع کان ڪئي. سندس شاعري ’هزار داستان‘، ’سوجهرو‘، ’نئين زندگي‘، سنڌو‘، ’پرک‘، ۽ ’سُڳنڌ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ٽيھن سُرن تي جديد انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر خادم انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو جنرل سيڪريٽري، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر جو پريس سيڪريٽري ۽ سکر آرٽس ڪائونسل جو ميمبر آهي. ان کانسواءِ ڊمانسٽريٽر ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري، جي ايم سي ٽيچر ايسوسيئيشن جو پريس سيڪريٽري، جاڳرتا فورم سکر جو چيئرمين ۽ سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ سکر شاخ جو سيڪريٽري، ’انجمن‘ رسالي جي ادارت ۾ ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو ٻانھن ٻيلي ۽ معاون، سکر مان سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ترجمان نيوز ليٽر سنگت سماچار جو ايڊيٽر پڻ رھي چڪو آهي. سندس ٻہ ڪتاب ’پرھہ باکون ڪڍيون‘ (شاعري، 2005ع) ۽ ’کنھنبا ڪنديس ڪپڙا‘ (شاعري، 2010ع) ڇپيل آهن. سندس ڪتاب ’پرھہ باکون ڪڍيون‘ کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 2005ع ۾ سال جو پھريون نمبر ايوارڊ مليو. ان کانسواءِ کيس ’بيدل ايوارڊ‘، ’نشانِ فيض‘ سميت ٻيا ايوارڊ پڻ مليل آھن.
1969۔04۔15 عيسوي
ڊاڪٽر خادم علي ولد حاجي خالق ڏنو منگي، 15 اپريل 1969ع تي ڳوٺ دودي ڏيٿي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.