خادم رفيقي

خادم رفيقي

خادم رفيقي

خادم رفيقي: مشھور شاعر خادم رفيقي مهيسر، 10 جون 1932ع تي ڳوٺ رفيق مهيسر، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. وقت جو اهم اديب، شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. سندس لاڙو ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ ڏانهن هو. هن جو واسطو قادرالڪلام شاعر سليم ڳاڙهويءَ سان ٿيو ۽ ان جي صحبت ۾ نظم جي صنف تي وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. خادم رفيقي ادبي زندگيءَ ۾ ڪافي لکيو. هن حمد، نعت، گيت، غزل ۽ وطن جا گيت وڏي تعداد ۾ لکيا. سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسيءَ ۾ بہ شاعري ڪندو هو. مهيسر خادم رفيقيءَ جي شاعري ۽ مضمون ٽماهي مهراڻ ۽ ماهوار نئين زندگي رسالن ۾ ڇپيل آهن. آخري دم تائين مختلف اخبارن نواءِ وقت، الوحيد، مهراڻ وغيرہ سان وابستہ رهيو. پير ڳوٺ ۾ ’بزم سليم‘ قائم ڪري ان پاران ڪيترا ادبي پروگرام ڪرايائين.
خادم رفيقي مهيسر، 25 نومبر 1996ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ خادم رفيقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.06.10  عيسوي

مشهور شاعر خادم رفيقي مهيسر، 10 جون 1932ع تي ڳوٺ رفيق مهيسر، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.


1996.11.25  عيسوي

خادم رفيقي مهيسر، 25 نومبر 1996ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان باهو
مولابخش ساغر
صالح راڄپر وفا
قربان چنا
غلام حسين جلباڻي فقير
بھاؤالدين
ابو البقا ملا ٺٽوي
تاج محمد شيخ
اصغر سائين
اسد بيگ اسد مرزا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون