خادم حسين لاکير، ڊاڪٽر

خادم حسين لاکير، ڊاڪٽر

خادم حسين لاکير ڊاڪٽر

خادم حسين لاکير، ڊاڪٽر: نامياري ڊاڪٽر ۽ اديب خادم حسين لاکير ولد صابر حسين لاکير، 10 آگسٽ 1952ع تي ڳوٺ جمعي لاکير تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. انٽر سائنس ڪرڻ بعد ايل.ايم.سي ڄام شوري ۾ داخلا ورتائين، جتان ايم.بي.بي.ايس جو امتحان ڏئي، ميڊيڪل آفيسر بڻيو. مختلف انتظامي عهدن تي رهندي ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر (هيلٿ) دادو بہ رهيو. ڪجهہ وقت صحت کاتي جي پراجيڪٽ اي.پي.آئي سنڌ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو.
ڊاڪٽر خادم حسين لاکير ادبي ذوق رکندڙ شخص آهي. قومي سياست ۾ سائين جي. ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر کي ويجهو رهيو، شاگرديءَ واري زماني ۾ ماهوار ’پيغام‘ ۽ ’اڳتي قدم‘ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
ڊاڪٽر خادم لاکير ملازمت سان گڏ ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. هن دادو ضلعي ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ڪيتريون طبي ڪئمپون لڳايون، عورتن لاءِ 13 هنري اسڪول ۽ 20 پرائمري اسڪول قائم ڪرايا. تازو 2012ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.08.10  عيسوي

نامياري ڊاڪٽر ۽ اديب خادم حسين لاکير ولد صابر حسين لاکير، 10 آگسٽ 1952ع تي ڳوٺ جمعي لاکير تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام حسين رنگريز
زيب سنڌي
جميلا هاشمي 1
اشفاق لغاري
سحر انصاري
شيرازي محمد رضا پروفيسر
غلام حسين شيخ
خواند مير
حبيب ﷲ مرزا ڊاڪٽر
حشو ڪيولراماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون